اسلام آباد – 01 مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته سني اتحاد ڪونسل جي مخصوص سيٽ?? جي حوالي سان معاملو ا??يڪشن ڪميشن وٽ آهي ان ڪري هو ا??يڪشن ڪميش?? جي فيصلي جو ا??تظار ڪن هتي هر ميمبر جو فارم 45 ۽ فارم 47 چيڪ نٿو ڪري سگهجي، اسان وٽ اليڪشن ڪميش?? جي نوٽيفڪيشن ک??ن علاوه ٻيو ڪو ذريعو ناهي. قومي اسيمبلي جو اجلاس شروع ??يڻ تي سني اتحاد ڪونسل ايوان ۾ هنگامه آرائي ڪئي. عمر ايوب خا?? جي اعتراض واري نقطي تي اسپيڪر رولنگ ڏيندي چيو ته انهن سمورن ميمبرن جن جو قومي اسيمبلي جي ميمبر جي حيثيت سان اليڪشن ڪميشن نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي اهي ان ايوان جا معزز ميمبر آهن. عمر ايوب خان چيو ته اهو ا??وان مڪمل ناهي. اسان گذريل ڏينهن پڻ ڳالهه ڪئي ??ئي ته اسپيڪر ان حوالي سان رولنگ ڏي. چونڊ عمل اسانجي عورت ميمبر?? جي عدم موجودگي ۾ قانون خلاف آهي. اسان انصاف ۽ قانو?? جي بالادستي چاهيون ٿا. بيرسٽر گوهر علي خان اعتراض واري نقطي تي چيو ته آئين جو آرٽيڪل 51 تقضا ڪري ٿو ته ايوان مڪمل هجڻ گهرجي، اسپيڪر ان حوالي سان رولنگ ڏي. جمهوريت ۾ هر ووٽ جي اهميت هوندي آهي. اسپيڪر چيو ته اليڪشن ڪميش?? جي نوٽيفڪيشن ک??ن علاوه اسيمبلي سيڪريٽريٽ وٽ ڪو ٻيو ذريعو ناهي. اليڪشن ڪميشن خودمختيار ادارو آهي. اسان ميمبرن جا فارم 45 چيڪ نٿا ڪري سگهون. بيرسٽر گوهر علي خان چيو ته اسان اسپيڪر سان فارم 47 ۽ فارم 45 جي ڳالهه ناهي ڪئي. اسان رڳو پنهنجي مخوصوص سيٽ?? جي حوالي سان اسپيڪر جي رولنگ چاهيون ٿا. راڻا تنوير حسين چيو ته 2018 جو ا??يڪشن بدترين ڌانڌلي وارو ا??يڪشن هو. ان وقت مسلم ليگ (ن) جي اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪيو ويو سني اتحاد ڪونسل ته پنهنجي پارٽي جي فورم تان اليڪشن ناهي وڙهي. انهن کي گهرجي ته اليڪشن ڪميشن سان رابطو ڪن. اسپيڪر رولنگ ڏني ته مخصوص سيٽ?? جي حوالي سان سني اتحاد ڪونسل اليڪشن ڪميشن سان رابطو ڪيو آهي، هو ا??يڪشن ڪميش?? جي فيصلي جو ا??تظار ڪن، ان سلسلي ۾ اصل فورم اليڪشن ڪميشن ئي آهي.
سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن جو معاملو اليڪشن ڪميشن وٽ آهي: اسپيڪر قومي اسيمبلي
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لاٹری