لاهور – 28 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته نواز شريف جي قيادت ۾ محنت ۽ لگن سان ترقي جي رستي تي گامزن آهيون، پاڪستان کي عظيم بڻائينداسين، محمد نواز شريف جو مسلم ليگ (ن) جو صدر چونڊجڻ سندس عوام سان محبت ۽ خدمت جو نتيجو آهي، اڳوڻي چيئرمين پي ٽي آءِ شهيدن ۽ غازين جي خلاف زهر اوڳاڇيو، قوم کيس ڪڏهن به معاف نه ڪندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار مقامي هوٽل ۾ مسلم ليگ (ن) جي جنرل ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته آئون ??اص طور تي پارٽي جي پراڻي مدبر سياستدان راجا ظفرالحق سميت مسلم ليگ (ن) جي جنرل ڪائونسل ۾ پنجاب، بلوچستان، خيبرپختونخواهه، گل??ت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير مان ايندڙ سمورن معززين، اسيمبلي ميمبرن، ڪارڪنن جا ٿورا ادا ڪريان ٿو ۽ پارٽي اليڪشن جي ڪامياب انعقاد تي راڻا ثناءُ الله ۽ سندس ٽيم کي مبارڪباد ڏيان ٿو. هن چيو ته الله تعاليٰ جو شڪر آهي ته اڄ آئون ڪاميابي سان بطور نگران پارٽي صدر جي ذميوارين کان آجو ٿيس ۽ اڄ هن اجلاس محمد نواز شريف کي بنا مقابلي صدر چونڊيو، پنجاب ۾ وزيراعليٰ مريم نواز شريف جي جوان ۽ اهل قيادت نواز شريف جي رهنمائي ۾ ڏينهن رات عوامي خدمت لاءِ ڪوشش ڪري ??هي آهي، اهڙي طرح وفاق ۾ نواز شريف جي سرپرستي ۾ هڪ مخلوط حڪومت ملڪ جي معيشت کي ٻيهر سنڀالڻ جي لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ڪري ??هي آهي، قائد محمد نواز شريف جي رهنمائي مون ۽ منهنجي ساٿين کي هر قدم تي گهربل آهي ۽ منهنجو ايمان آهي ته جيڪڏهن اسان سڀ گڏجي ڏ??نهن رات ڪوشش ۽ محنت ڪنداسين ته پاڪستان ضرور انهن مشڪلاتن مان ٻاهر نڪرندو ۽ اهو ئي پاڪستان بڻجندو جنهن کي نواز شريف 2017ع ۾ ڇڏيو هو. محمد شهباز شريف چيو ته بدقسمتي سان محمد نواز شريف کي ڪوڙي پاناما ڪيسز ۾ سزا ڏني وئي، کيس زبردستي ملڪ بدر ڪيو ويو، سندس ڏوهه اهو هو ته هن پاڪستان جي خدمت ڪئي ۽ پاڪستان کي ائٽمي طاقت بڻايو، پاڪستان جي اندر ترقي ۽ خوشحالي آندي، پاڪستان جي صنعت ۽ زراعت ترقي ڪرڻ لڳي، عوام محمد نواز شريف جي لاءِ دعائون ڪري ??هي هئي پر پاڪستان جي دشمنن کي اها ڳالهه راس نه آئي ۽ هڪ سازش جي ذريعي نواز شريف جي خدمتن کي پوري دنيا ۾ رسوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر اڄ انهن سازشي ڪردارن کي رسوائي کي منهن ڏيڻو پيو جڏهن ته نواز شريف سرخرو ٿيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته اڄ مخالف به اها ڳالهه چوڻ تي مجبور آهن ته محمد نواز شريف سان ان وقت ظلم ۽ زيادتي ٿي، آئون ??ڄ اها ڳالهه واضح طور تي چوڻ چاهيان ٿو ته نواز شريف جي قيادت ۾ پنجاب ۾ مسلم ليگ (ن) ۽ وفاق ۾ مخلوط حڪومت ۾ پيپلزپارٽي، (ق) ليگ ۽ ايم ڪيو ايم سميت ٻيون ??ياسي پارٽيون ڏينهن رات خلوص سان ملڪ جي معاشي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيون ??هن. هن چيو ته آئون ??ها ڳالهه وڏي واضح لفظن ۾ چوڻ چاهيان ٿو ته باني پي ٽي آءِ جڏهن پنهنجي حوارين سان گڏجي محمد نواز شريف کي نه هارائي سگهيو ته آخري حربو استعمال ڪندي رات جي اونداهي ۾ بيلٽ باڪس تبديل ڪرائي ڇڏيا، هن لنڊن ۾ ويهي پاڪستان جي فوج ۽ شهيدن ۽ غازين بابت زهر اوڳاڇيو، 190 ملين پائونڊ چوري ڪيا، گهڙيون ??ازار ۾ وڪرو ڪيون. هن چيو ته عمران نيازي تنهنجون ??موريون ??ازشون ناڪام ٿينديون، هاڻي عمران نيازي جو اصل مڪروهه چهرو پوري قوم آڏو ظاهر آهي، هي قوم توکي ڪڏهن به معاف نه ڪندي. وزيراعظم چيو ته اسان پاڪستان جي لاءِ نواز شريف جي قيادت ۾ ڏينهن رات ڪم ڪري ترقي جو اڌورو سفر اتان ئي شروع ڪنداسين جتان ڇڏيو ويو، ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ جي لاءِ رت پگهر وهائينداسين، پاڪستان کي عظيم بڻائينداسين ۽ پاڪستان کي ان عمران نيازي کان بچائينداسين.
نواز شريف جي قيادت ۾ محنت ۽ لگن سان ترقي جي رستي تي گامزن آهيون، پاڪستان کي عظيم بڻائينداسين، محمد نواز شريف جو مسلم ليگ (ن) جو صدر چونڊجڻ سندس عوام سان محبت ۽ خدمت جو نتيجو آهي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ آن لائن دستیاب