اسلام آباد – 27 – جون (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته مخالف ڌر ۾ شعور ۽ آگاهي جي کوٽ آهي، بجيٽ جي حوالي سان مخالف ڌر اسان جي اصلاح ڪري ها ته اسان ڀليڪار ڪريون ٿا. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مخالف ڌر کي آلٽرنيٽ ڊسپيوٽ ريزولوشن تحت ايندڙ نظام ۽ ليگل ريفارمز ڪميٽي پاران ايڪسيس ٽو جسٽس پروگرام جي ل??ءِ شروع ڪيل مختلف پراجيڪٽس تي اعتراض آهي. هن چيو ته مخالف ڌر پاران پيش ڪيل ڪٽ??تي جي رٿن جو قانون واري کاتي سان ڪهڙو ??علق آهي؟ جيڪڏهن هي تياري ڪري اچن ها ۽ قانون واري ڊويزن جي بجيٽ پڙهي وٺن ها ته انهن کي خبر هجي ها ته آلٽرنيٽو ڊسپيوٽ ريزولوشن، ادارجاتي سڌارن ۽ ايڪسيس ٽو جسٽس پروگرام جي ل??ءِ ڪيتري رقم رکي وئي آهي. هن چيو ته 18 هين ترميم کانپوءِ صوبن تحت معاملن کي مخالف ڌر هتي اٿاريو، مخالف ڌر سياسي پوائنٽ اسڪورنگ ضرور ڪري پر اسان جي اصلاح ڪري ها ته اسان ڀليڪار ڪريون ها. هن چيو ته مخالف ڌر قابل عمل تجويزون پيش ڪري، انهن جي تجويزن تي غور ڪرڻ جي ل??ءِ تيار آهيون. وفاقي وزير چيو ته مخالف ڌر ۾ آگاهي ۽ شعور جي کوٽ آهي، ڊيمانڊ نمبر 66 تي ڪٽ??تي جي رٿن جي مخالفت ڪريون ٿا.
مخالف ڌر ۾ شعور ۽ آگاهي جي کوٽ آهي: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : estatisticas dupla sena