راولپنڊي-10 جولاءِ (اي پي پي) دهشتگردي جي خاتمي جي حوالي سان پاڪ – آمريڪا انفين??ري رائفل ڪمپني مشق 2024ع پڄاڻي تي پهتي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي پيشيوراڻي فوج جي انفين??ري رائفل ڪمپني جوش ۽ جذبي سان حصو ورتو. آءِ ايس پي آر طرفان جاري پريس ر??يز موجب پاڪ – آمريڪا انفين??ري رائفل ڪمپني مشق 2024ع جي پڄاڻي واري تقريب نيشنل ڪائونٽر ٽيررازم سينٽر پبي ۾ منعقد ٿي. پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ ”انفين??ري رائفل ڪمپني مشق 2024ع“ پهريون ڀيرو دهشتگردي جي خاتمي جي شعبي ۾ منعقد ڪئي وئي. ٻن هفتن تي ٻڌل مشقون 29 جون 2024ع تي نيشنل ڪائونٽر ٽيررازم سينٽر (اين سي ٽي سي) پبي ۾ شروع ٿيون. ٻنهي پيشيوراڻي فوجن مان هر هڪ ڪمپني جوش ۽ جذبي سان حصو ورتو. جنرل آفيسر ڪمانڊنگ 17 ڊويزن پڄاڻي واري تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. آمريڪي فوج جي 34 انفين??ري ڊويزن جي ڪ??انڊنگ جنرل ميجر جنرل چارلس جي ڪ??مپر به پڄاڻي واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن مشقن دوران پيشيوراڻي مهارتن جي اعليٰ ترين معيار جو مظاهرو ڪيو. انفين??ري رائفل ڪمپني ايڪسچينج جو مقصد مشقن جي طريقيڪار کي بهتر ب??ائڻ کانسواءِ ٻنهي ملڪن کي درپيش دهشتگردي جي دائمي خطرن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ اهم دهشتگردي جي خاتمي جي تجربن جي ڏي وٺ ڪرڻ هو. ان دائري ڪار ۾ انفرادي ۽ اجتماعي سطح تي مهارت حاصل ڪرڻ کانسواءِ اربن وار فيئر ۾ شامل مارڪ مين شپ جي مهارت سان گڏوگڏ فني مهارتن کي حاصل ڪرڻ تي به زور ڀريو ويو.
دهشتگردي جي خاتمي جي حوالي سان پاڪ – آمريڪا انفينٽري رائفل ڪمپني مشق 2024ع پڄاڻي تي پهتي
مضمون کا ماخذ : کڑک