اسلام آباد – 23 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار برطانيا جي نئين چونڊيل پرڏيهي معاملن، دولت مشترڪه ۽ ترقياتي ??عاملن واري وزير ڊيوڊ ليمي سان ??يليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. نائب وزيراعظم سينيٽر اسحاق ڊار ڊيوڊ ليمي کي برطانوي پرڏيهي وزير طور مقرري تي ??بارڪباد ڏني. پرڏيهي آفيس پا??ان جاري بيان ??وجب نائب وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته برطانيا ۾ نئين حڪومت پاڪستان ۽ برطانيا جي لاڳاپن ۾ مثبت رفتار کي جاري رکندي. ٻنهي وزيرن پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ خوشگوار لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ برطانوي پاڪستانين جي مثبت ڪردار کي ساراهيو. نائب وزيراعظم دولت مشترڪه جي ڏس سميت برطانيا سان ??نهنجي لاڳاپن کي پاڪستان جي اهميت تي زور ڏنو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ، نوجوانن جي لاءِ موقعا پيدا ڪرڻ ۽ واپار ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پرڏيهي وزير ڊيوڊ ليمي سان گڏ ڪم ڪرڻ جا منتظر آهيون. برطانيا جي پرڏيهي وزير پنهنجي مدي دوران ??اڪستان جي لاءِ برطانيا جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي وزيرن ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ ۽ آڪٽوبر ۾ دولت مشترڪه جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار جي برطانيا جي نئين چونڊيل پرڏيهي وزير سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کی پیشن گوئی