اسلام آباد -18 آگسٽ (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته بجلي جي چوري روڪڻ، لائين لاسز ۾ گهٽتائي، بجلي جي رسد جي نظ??م کي بهتر بڻائڻ ۽ توانائي جي شعبي ۾ سڌارا حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهن، ويجهڙ ۾ بجلي جي رسد جي 5 ڪمپنين ۾ نون بورڊ چيئرمينن ۽ ميمبرن جي مقرري هڪ شفاف عمل ذريعي ڪئي وئي آهي، اميد آهي ته انهن نين مقررين سان ڊسڪوز جي ڪارڪردگي ۾ بهتري ايندي. وز??راعظم، بجلي واري وفاقي وز??ر ۽ وفاقي سيڪريٽري کي بجلي جي ورڇيندڙ ڪمپنين جي ڪارڪردگي، ٻين معاملن تي 4 صوبن جو دورو ڪرڻ، صوبائي حڪومتن سان رابطا ڪري بجلي جي چوري خلاف هول آف دي گورنمينٽ اپروچ اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته صوبائي حڪومتون بجلي جي چوري جي حوالي سان پوليس فورس ۽ مختيارڪارن جو انگ ڊسڪوز جي ضرورتن موجب پوري ڪيو وڃي، ڊسٽريبيوشن ڪمپنين ۾ موجود ڪرپٽ ڌرين کي سخ??ي سان منهن ڏنو وڃي ۽ انهن خلاف ڀرپور ڪارروائي ڪئي وڃي. وز??راعظم ڊسڪوز جي عوامي شڪايتن جي ازالي جي حوالي سان عدالتي نظ??م کي موثر ۽ نتيجا ڏيندڙ بڻائڻ، بلوچستان جي زرعي ٽيوب ويلن جي شمسي توانائي تي منتقلي جي حوالي سان جوڙيل اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس فوري طور طلب ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري بيان موجب وز??راعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ توانائي ۽ پاور ڊويزن واري وزارت جي معاملن جو جائزو ورتو ويو. وز??راعظم کي پاور ڊويزن جي مختلف معاملن تي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته بلوچستان جي زرعي ٽيوب ويلن جي شمسي توانائي تي منتقلي جي حوالي سان ايس او پيز ۽ اسٽيئرنگ ڪميٽي کي نوٽيفاءِ ڪيو ويو آهي، سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ آفيسرن جي همت افزائي جي حوالي سان پئڪيج تيار ڪيو پيو وڃي. وز??راعظم محمد شهباز شريف اجلاس م شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي چيو ته بجلي جي چوري جي روڪٿام، لائين لاسز م گهٽتائي، بجلي جي رسد جي نظ??م کي بهتر ڪرڻ ۽ توانائي جي شعبي ۾ سڌارا حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهن. هن چيو ته ويجهڙ ۾ بجلي جي رسد جي 5 ڪمپنين ۾ نون بورڊ چيئرمينن ۽ ميمبرن جي مقرري هڪ شفاف عمل ذريعي ڪئي وئي آهي، اميد آهي ته انهن نين مقررين سان ڊسڪوز جي ڪارڪردگي ۾ بهتري ايندي. وز??راعظم پاور ڊويزن واري وفاقي وز??ر ۽ وفاقي سيڪريٽريءَ کي بجلي جي ورڇيندڙ ڪمپنين جي ڪارڪردگي ۽ ٻين معاملن تي چئني صوبن جو دورو ڪرڻ، صوبائي حڪومتن سان رابطا ڪرڻ ۽ بجلي جي چوري خلاف هول آف دي گورنمينٽ اپروچ اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وز??راعظم چيو ته صوبائي حڪومتن کي بجلي جي چوري جي حوالي سان پوليس فورس ۽ مختيارڪارن جو انگ ڊسڪوز جي ضرورت موجب پورو ڪيو وڃي. هن چيو ته ڊسٽري بيوشن ڪمپنين ۾ موجود ڪرپٽ ڌرين سان سخ??ي سان منهن ڏنو وڃي. وز??راعظم ڊسڪوز جي عوامي شڪايتن جي ازالي جي حوالي سان ٻڌڻين جي نظ??م کي موثر ۽ لاڀائتو بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وز??راعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي زرعي ٽيوب ويلز جي شمسي توانائي تي منتقلي جي حوالي سان جوڙيل اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس فوري طور طلب ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي. اجلاس ۾ رٿابندي واري وفاقي وز??ر احسن اقبال، اقتصادي معاملن واري وفاقي وز??ر احد خان چيم??، بجلي واري وفاقي وز??ر اويس احمد لغاري ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي.
بجلي جي چوري روڪڻ، لائين لاسز ۾ گهٽتائي ۽ بجلي جي رسد جي نظام کي بهتر بڻائڻ، شعبي جا سڌارا حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهن: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : سامراا سپلٹ