راولپنڊي-07 سيپٽمبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز مهمند ضلعي ۾ فرنٽيئر ڪور هيڊڪوارٽر تي حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ چئن آپگهاتي بمبارن کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏ??و. آءِ ايس پي آر طرفان جاري بيان موجب 6 سيپٽمبر 2024ع جي صبح جو سوير چئن خارجي دهشتگردن جي هڪ گروپ مهمند ضلعي ۾ فرنٽيئر ڪور هيڊڪوارٽر تي حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ڪيمپ ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش کي سيڪيورٽي فورسز جي اهلڪارن اثرائتي طريقي سان ناڪام بڻايو ۽ ان جي نتيجي ۾ چئني آپگهاتي بمبارن کي گهر??ل نقصان پهچائڻ کان پهرين ??ي جهنم ڀيڙو ڪيو ويو. علائقي ۾ ڪنهن به ٻئي موجود خارجي دهشتگرد کي ختم ڪرڻ لاءِ صف??ئي آپريشن ڪيو پيو وڃي، بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت جو خاتمو ڪرڻ لاءِ جرئتمنداڻي عزم سان بيٺل آهي.
مضمون کا ماخذ : ٹمپل ٹمبل