اسلام آباد-10 سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان عوامي نيشنل پارٽي جي صدر سينيٽر ايمل ولي خان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپيءَ وارن معاملن، ملڪي صورتحال ۽ ڪي پي ڪي ۾ امن جي قيام لاءِ کنيل قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي گهرو وزير چيو ته دهشتگردي هر شڪل ۾ مذ??ت جوڳي آهي، دهشتگرديءَ خلاف قومي بيانيو پاڪستان جو آواز ??هي. هن واضح ڪيو ته دهشتگرديءَ کي مُنهن ڏيڻ لاءِ سڀني کي هڪ ٿيڻو پوندو. اي اين پي دهشتگرديءَ جو ڄمي مقابلو ڪيو ??هي. هن چيو ته اي اين پي جي ماڻهن دهشتگردي خلاف جنگ ۾ شهادتون ماڻيون آهن، اسان کين خراجِ عقيدت پيش ڪريون ٿا. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته اڄ سياسي ۽ گروهي فرق کان مٿانهون ٿي پاڪستان کي دهشتگرد?? کان پاڪ ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي، انشاء?? الله عوام جي حمايت سان دهشتگرديءَ جو خاتمو ڪنداسين. اي اين پي جي صدر دهشتگردي جي خاتمي لاءِ اي اين پي جي حمايت جي خاطري ڪرائي ۽ چيو ته دهشتگردن معصوم ماڻهن کي شهيد ڪيو، ان جنگ ۾ مان اوهان سان گڏ آهيان.
وفاقي وزير محسن نقوي سان عوامي نيشنل پارٽي جي صدر ايمل ولي خان جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : تھنڈرسٹرک II