نيويارڪ – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران پاڪستان گڏيل حمايت ۽ حصيد??ري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ فلسطين تي پاڪستان جي موقف جو ورجاءُ ڪندي غزه ۾ فوري طور تي انساني بنيادن تي جنگبندي ۽ فلسطين ۽ لبنان جي خلاف ج??ري اسرائيلي جارحيت جي خاتمي تي زور ڏنو آه??. و??يراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران ج??ري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79هين اجلاس جي موقعي تي ايراني صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان سان ملاقات ٿي. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ۽ سٺي پاڙيسري لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ سان گڏوگڏ گڏيل فائديمند تعاون جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم ٻطرفي ??اپ??ر ۽ سيڙپڪ??ري جي فروغ، ايران سان رابطن ۽ ثقافتي تعاون کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. فلسطين تي پاڪستان جي موقف جو ورجاءُ ڪندي وزيراعظم غزه ۾ فوري طور تي انساني بنيادن تي جنگبندي ۽ فلسطين لبنان جي خلاف ج??ري اسرائيلي جارحيت جي خاتمي تي زور ڏنو. ملاقات ۾ ايران پاڪستان گڏيل حمايت ۽ حصيد??ري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ به ڪيو ويو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ايراني صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : پرامڈ ادا کرتا ہے۔