اسلام آباد-26 سيپٽمبر (اي پي پي) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) چيو آهي ته دنيا کي موسمياتي تبديلين، مصنوعي ذهانت ۽ ڊجيٽل ٽيڪنالاجي جهڙا وڏا چئلينجز درپيش آهن. اها ڳالهه آءِ ايم ايف طرفان ريزيلئنس ان دي فيس آف چئلينجز جي نالي سان جاري سالياني ??پو??ٽ ۾ چئي وئي. ??پو??ٽ ۾ عالمي معيشت کي درپيش چئلينجز ۽ ايندڙ موقعن تي روشني وڌي وئي. ??پو??ٽ ۾ معيشٽ جي بحالي، مالي استحڪام ۽ مختلف ملڪن لاءِ پاليسي وارن قدمن تي زور ڀريو ويو. ??پو??ٽ ۾ ٻُڌايو ويو آهي ته ڪورنا وائرس کانپوءِ عالمي معيشت آهستي آهستي بهتر ٿي رهي آهي پر اڃا به ڪيترائي ملڪ قر??، مهانگائي ۽ جاگرافيائي ۽ سياسي مسئلن جو شڪار آهن. 2024ع کانپوءِ عالمي معيشت مختلف ڏُکيائين کي مُنهن ڏئي رهي آهي. آءِ ايم ايف جو چوڻ آهي ته 2029ع تائين عالمي اقتصادي ترقيءَ جي شرح 3.1 سيڪڙو تائين ڪِري سگهي ٿي ۽ تازو ڏهاڪن جي گهٽ ترين سطح آهي، ان سُستي جي بنيادي ڪارڻن ۾ ڪمزور پ??دا??اري صلاحيت، غير مستحڪم سياسي حالتون ۽ مالياتي پاليسين جون سختيون شامل آهن. ??پو??ٽ ۾ ٻُڌايو ويو آهي ته ڪورونا وائرس کانپوءِ عالمي قر?? ۽ مالي خسارو پهرين کان وڌي چڪو آهي ۽ ايندڙ ڪجهه سالن ۾ اهي قر?? عالمي جي ڊي پي جي شرح سان 100 سيڪڙو جي سطح تي پهچي ويندا، ان صورتحال ۾ گهٽ آمدني وارا ملڪ مشڪل جو شڪار آهن ۽ کين وڌيڪ مالي مشڪلاتن جو مُنهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي. آءِ ايم ايف عالمي مالياتي استحڪام جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو آهي ته 2023ع تائين 40 کان وڌيڪ ملڪن کي مالي مدد فراهم ڪئي وئي ته جيئن انهن جي معيشت مستحڪم رهي سگهي. ??پو??ٽ ۾ گروپ 20 ملڪن طرفان قر??ن جي بحران کي مُنهن ڏيڻ وارن قدمن جي به وضاحت ڪئي وئي آهي. ماحولياتي تبديلين کي عالمي معيشت لاءِ هڪ وڏو خطرو قر??ر ڏيندي ??پو??ٽ ۾ چيو ويو آهي ته آءِ ايم ايف سسٽين ايبلٽي ريزيلئنس فيسلٽي پروگرام تحت مختلف ملڪن کي 6.3 ارب ڊالرن جي مدد مدد فراهم ڪئي ته جيئن اهي ملڪ موسمياتي تبديلين جي اثرن کي مُنهن ڏئي سگهن، جڏهن ته ??پو??ٽ ۾ ان اهم مسئلي کي مُنهن ڏيڻ لاءِ عالمي سهڪار تي زور ڀريو ويو آهي. ??پو??ٽ ۾ چيو ويو آهي ته دنيا کي موسمياتي تبديلين، مصنوعي ذهانت ۽ ڊجيٽل ٽيڪنالاجي جهڙا وڏا چئلينجز درپيش آهن، درست پاليسين وارن قدمن سان عالمي اقتصادي اؤسر ۾ 2030ع تائين 1.2 سيڪڙو واڌ ممڪن آهي.
دنيا کي موسمياتي تبديلين، مصنوعي ذهانت ۽ ڊجيٽل ٽيڪنالاجي جهڙا وڏا چئلينجز درپيش آهن: آءِ ايم ايف
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ جیتنے کے نمبر