اسلام آباد – 05 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله ت??رڙ چيو آهي ته نوجوان پنهنجي محنت، لگن ۽ عزم سان پاڪ??تا?? کي ترقي يافته ۽ خوشحال ملڪ بڻائيندا، ملڪي معيشت جي مضبوطي جي لاءِ حڪومت ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهي آهي، فلسطين جي 200 شاگردن کي پاڪ??تا??ي ادارن ۾ داخلا ڏني وئي. نيشنل يوٿ سمٽ کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪ??تا?? جو بنياد هڪ خواب تي رکيو ويو، علامه اقبال جي خواب کي قائداعظم تعبير ڏني، ننڍي کنڊ جي نوجوانن آزادي جي جدوجهد ۾ قائداعظم جي ڪلهو ڪلهي سان ملائي ڪاميابي حاصل ڪئي. نوجوان قائداعظم جي پيغام کي ننڍي کنڊ جي ڪنڊڪڙڇ تائين پهچايو ۽ مسلمانن ۾ پاڪ??تا?? جي اهميت بابت بيداري پيدا ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. هن چيو ته پاڪ??تا?? ۾ باصلاحيت نوجوانن جي ڪا کوٽ نه آهي، جيڪي ملڪ جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. نوجوان هر فورم تي پاڪ??تا?? جي نمائندگي ڪري رهيا آهن، انهن ۾ عالمي منظرنامي کي منفرد انداز ۾ آڻڻ جي صلاحيت آهي. هن چيو ته موسمياتي تبديلي جي حوالي سان تمام گهڻو ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ٻوڏ ۽ طوفان جي شڪل ۾ موسمياتي تبديلين جي منفي اثرن جي ڪري اسان کي تمام گهڻي نقصان کي منهن ڏيڻو پيو آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته پاڪ??تا??ي نوجوان موسمياتي تبديلي جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪ??تا?? جا نوجوان صنفي ??را??ري، صحت جي بهتر سهولتن ۽ ملڪ ۽ خطي جي عوام جي مجموعي ڀلائي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن. هن چيو ته نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، حڪومت نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ مختلف قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته نوجوانن ئي مسلمانن جي لاءِ هڪ جدا رياست ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ اهي هن ملڪ کي بلندين تي کڻي ويندا. هن چيو ته پاڪ??تا??ي نوجوانن وٽ نه رڳو صلاحيت آهي پر اهي دنيا جي مستقبل کي نئين شڪل ڏئي سگهن ٿا ڇو ته اسان انسانيت جي گڏيل مستقبل طرف وڌي رهيا آهيون. وفاقي وزير چيو ته صنفي ??را??ري کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ وڌيڪ ڪوششن جي ضرورت آهي ته جيئن ڇوڪريون به قوم جي تعمير جي عمل ۾ وڌيڪ موثر ڪردار ادا ڪري سگهن. هن چيو ته حڪومت ڊيجيٽل فيلڊ ۾ ڪم ڪندڙ پاڪ??تا??ي نوجوانن جي مدد جي لاءِ پوري طرح باخبر ۽ تيار آهي. هن چيو ته نيشنل يوٿ ڪائونسل کي وڌيڪ فعال بڻائڻ ۽ فيصلاسازي ۽ پاليسي سازي جي عمل ۾ نوجوانن کي ڪردار ڏيڻ جي ضرورت آهي. عطاءُ الله ت??رڙ چيو ته حڪومت ملڪي معيشت جي مضبوطي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي. وفاقي وزير عطاءُ الله ت??رڙ چيو ته غزه تي اسرائيلي حملي کانپوءِ پاڪ??تا?? 200 فلسطيني ميڊيڪل شاگردن کي پاڪ??تا??ي ادارن ۾ داخلا ڏني، اسرائيل معصوم فلسطينين جي نسل ڪشيءَ ڪري رهيو آهي ۽ ان جي فوج جنگي ڏوهن ۾ ملوث آهي، گڏيل قومون ۽ عالمي ??را??ري فلسطينين جي نسل ڪشيءَ کي روڪرائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. پاڪ??تا?? 1967ع کان اڳ واري فلسطيني رياست جي بحالي چاهي ٿو. هن چيو ته نوجوان پرامن دنيا کي يقيني بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. فلسطينين جي نسل ڪشيءَ تي خاموش رهندڙ حقيقت ۾ اسرائيلي فوج جي جنگي ڏوهن ۾ شريڪ آهن. هن چيو ته غزه ۽ اولهندي ڪناري جي نوجوانن کي سڄي دنيا جي نوجوانن وانگر هڪجهڙا موقعا ملڻ گهرجن.
نوجوان پنهنجي محنت، لگن ۽ عزم سان پاڪستان کي ترقي يافته ۽ خوشحال ملڪ بڻائيندا: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ خریدیں