اسلام آباد-12 نومبر (اي پي پي) نجڪاري، سيڙپڪاري بورڊ ۽ مواصلات بابت وفاقي وزير عبدالعليم خان جي صدارت هيٺ نجڪاري ڪميشن بورڊ جو اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ پ?? آءِ اي جي نجڪاري سميت مختلف ??عا??لا غور هيٺ آيا ۽ اهم سفارشن جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ پ?? آءِ اي جي نجڪاري جي ??عا??لي کي ڪابينه ڪميٽي ڏانهن اُماڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو جڏهن ته بورڊ اجلاس کي نجڪاري جي مختلف ??عا??لن تي بريفنگ ڏني وئي ۽ هاڻ تائين جي صورتحال تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو. اجلاس ۾ ميمبرن ??ي نجڪاري جي عمل ۾ شرڪت لاءِ 3 رڪني ڪميٽي قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته نجڪاري جا ??عا??لا قانون ۽ ضابطن موجب ۽ ملڪي مفادن کي آڏو رکندي مڪمل ڪرڻا پوندا ڇاڪاڻ ته پي آءِ اي سميت ٻين ادارن ??ي نجڪاري جي ??عا??لن جو حتمي فيصلو ڪابينه ڪميٽي کي ڪرڻو آهي. هن هدايت ڪئي ته پي آءِ اي سميت سرڪاري ادارن ??ي بنا دير نجڪاري کي اڳيان وڌايو وڃي ۽ ٻين ادارن ??ي نجڪاري لاءِ ايندڙ آڇ کي بهتر کان بهتر بڻايو وڃي. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته پي آءِ جي نجڪار?? ۾ ??گران حڪومت جي ڏنل فريم ورڪ کي اڳيان وڌايو ويو هو پر هاڻ اسان کي مستقبل لاءِ نجڪاريءَ ۾ شامل ادارن ??ي خدشن کي به نظر ۾ رکڻو پوندو. هن چيو ته اسان کي پي آءِ اي جي نجڪاري جي عمل مان سکڻو پوندو ۽ آئينده ان کي وڌيڪ بهتر بڻايو پوندو. نجڪاري ڪميشن بورڊ جو 227هون اجلاس اسلام آباد ۾ نجڪاري ڪميشن جي چيئرمين عبدالعليم خان جي صدارت ۾ منعقد ٿيو. بورڊ 31 آڪٽوبر تي پي آءِ اي سي ايل جي 60 سيڪڙو شيئرز کي حاصل ڪرڻ لاءِ بليو ورلڊ سٽي ڪسورشيم طرفان جمع ڪرايل 10 بلين رپين جي ٻولي تي غور ڪيو ۽ ٻولي کي رد ڪرڻ جي سفارش ڪئي. بورڊ پي آءِ اي سي ايل جي نجڪاري لاءِ آئينده عمل تي به غور ڪيو ۽ ان جي جلد نجڪاري لاءِ مختلف آپشنز تي غور ڪيو. نجڪاري ڪميشن بورڊ جي اجلاس ۾ نجڪاري ڪميشن جي سيڪريٽري مختلف ??عا??لن تي بريفنگ ڏيندي ٻُڌايو ته بورڊ بهتر ڪم ڪيو، پي آءِ اي جي نجڪاري ۾ ترڪش ۽ سنگاپور سميت مختلف ايئر لائنز دلچسپي جو اظهار ڪيو، تنهنڪري نجڪاري ڪميشن بورڊ پري ڪواليفاءِ ڪندڙ ڪنهن به اداري کي نجڪاري جي عمل مان نٿي ڪڍي سگهي. اجلاس ۾ پ?? آءِ اي ۽ نجڪاري جي عمل لاءِ مختلف تجويزون پيش ڪيون ويون. مختلف ??عا??لن تي خيالن جو اظهار ۽ اهم فيصلا ڪيا ويا، جڏهن ته وفاقي وزير نجڪاري ڪميشن بورڊ جي سمورن ميمبرن ??ي سمورين تجويزن کي ڌار ڌار ٻُڌو. جڏهن ته اجلاس ۾ ٻين منصوبن جي نجڪاري جي حوالي سان به اهم ??عا??لا غور هيٺ آيا.
وفاقي وزير عبدالعليم خان جي صدارت هيٺ نجڪاري ڪميشن بورڊ جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : بڑا برا بھیڑیا۔