راولپنڊي -03 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير چيو آهي، ته پاڪستان جي هٿياربند فوج، قوم جي حمايت سان، سمورن خطرن خلاف مادر وطن جي علائقائي سلامتي ۽ خودمختياري جي حفاظت ڪرڻ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿي. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي آءِ ايس پي آر مطابق آرمي ??يف نارو وال ۽ سيالڪوٽ ۾ فيلڊ مشق جي دوري دوران خطاب ڪري ر??يو هو. آرمي ??يف کي مشق جي مقصدن ۽ اها منعقد ڪرڻ بابت هڪ جامع بريفنگ ڏني وئي. جنهن جو مقصد پيشيواراڻي مهارتن ۽ ميدان جنگ جي طريقيڪار کي بهتر بڻائڻ هو. جيڪي اڀرندڙ آپريشنل چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ ضروري آهن. مشق دوران آرمر، انفنٽري، ميڪنائزڊ انفنٽري، آرٽلري، ا??ئر ڊفينس، آرمي ايوي ايشن ۽ اينٽي ٽينڪ گائيڊڊ ميزائيل يونٽس طرفان مربوط فائر ۽ مينيو ور آپريشنز ڪيا ويا. ان مشق ۾ جنگي صلاحيتن ۽ معلوماتي آپريشنز جي اثرائتي استعمال جو به مظاهرو ڪيو ويو، جيڪي دشمن جي مواص??ات ۾ رنڊڪ وجهڻ ۽ جديد ميدان جنگ جي ماحول ۾ غلط معلومات جي حڪمت عملين جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ڊيزائن ڪيو ويو آهي. آرمي ??يف سڄو ڏينهن فوجين سان گڏ ميدان ۾ گذاريو، انهن جي تربيتي معيار، آپريشنل تياري ۽ بلند حوصلي جي تعريف ڪئي. شرڪت ڪندڙن سان پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ هن مخالف قوتن طرفان درپيش ڪنهن به امڪاني خطري جو مقابلو ڪرڻ لاءِ مستقل تياري کي برقرار رکڻ جي اهم اهميت تي زور ڀريو. ان کان اڳ مشق واري علائقي ۾ پهچڻ تي ??ما??ڊر گوجرانوالا ڪور ۽ انسپيڪٽر جنرل آف ٽريننگ اينڊ ايويليوايشن آرمي ??يف جي آجيان ڪئي.
پاڪستان جي هٿياربند فوج مُلڪ جي حفاظت ڪرڻ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿي: سيد عاصم منير
مضمون کا ماخذ : سپرمین: فلم