اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف افغان حڪومت تي زور ڏنو آه?? ??ه اها پنهنجي سرزمين تان تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) جون ڪارروايون روڪي، هڪ طرف لاڳاپا وڌائڻ جي خواهش جو اظهار جڏهن ته ٻئي طرف ٽي ٽي پي کي کليل ڇوٽ ۽ افغانستان مان پاڪستان تي حملا، اهو ٻٽو عمل قبول نه آه??، اسان پاڪستان جي سالميت جي گهرجن جو پوري طرح دفاع ڪنداسين. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ??ه افغانستان اسان جي پ??ڙيسري ۽ ڀائر ملڪ آه?? جنهن سان اسان جي هزارين ڪلوميٽر ڊگهي سرحد آه??. ان سان لاڳاپا بهتر بڻائڻ، معاشي تعاون، واپار جو فروغ ۽ تعاون کي سگهه ڏيڻ اسان جي خواهش آه?? پر اها بدقسمتي آه?? ته ٽي ٽي پي اڄ به اتان آپريٽ ڪري رهي آه?? ۽ پاڪستان ۾ اسان جي بيگناهه ماڻهن کي شهيد ڪري رهي آه??، اها پاليسي نٿي هلي سگهي، افغان حڪومت کي هڪ کان وڌيڪ ڀيرا سٺا لاڳاپا قائم ڪرڻ جو پيغام ڏنو آه?? پر ٽي ٽي پي جو رستو مڪمل طور تي بند ڪرڻو پوندو، انهن کي ڪنهن به صورت ۾ پاڪستان جي بيگناهه عوام کي شهيد ڪرڻ جي اجازت نه هجڻ گهرجي، اها اسان جي لاءِ ريڊ لائين آه??. جيڪڏهن ٽي ٽي پي بدستور افغان سرزمين تان آپريٽ ڪندي ??ه اهو اسان جي لاءِ ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول نه آه??، پاڪستان جي سالميت جي گهرجن جو اسان پوري طرح دفاع ڪنداسين. هن افغان حڪومت تي زور ڏنو ??ه اها ان حوالي سان ٺوس حڪمت عملي تيار ڪري. اسان ??الهه ٻولهه لاءِ تيار آه??ون پر جيڪڏهن هڪ طرف اسان ??ي لاڳاپا وڌائڻ جو پيغام ملي ۽ ٻئي طرف ٽي ٽي پي کي کليل ڇوٽ هجي ??ه اها ٻه عملي قابل قبول نه آه??. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو کي سندس 17هين ورسيءَ جي موقعي تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته هو هڪ جرئتمند ۽ بهادر اڳواڻ ۽ اسلامي دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم هئي، سياست ۾ مفاهمت تي يقين رکندي هئي، هن نواز شريف سان ميثاق جمهوريت ڪيو جنهن جي سڀني سياسي پ??رٽين پذيرائي ڪئي، ملڪ ۽ جمهوريت جي لاءِ سنيدس بي پناهه خدمتون ۽ قربانيون سدائين ياد رکيون وينديون. هن محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ صدر آصف علي زرداري ۽ بينظير ڀٽو شهيد جي پٽ بلاول ڀٽو زرداري ۽ سندس ڀينرن سان همدرديءَ ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم وفاقي ڪابينا کي پ??را چنار ۾ اين ڊي ايم اي جي ذريعي هيليڪاپٽرز موڪلي دوائن جي فراهمي کان آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته هڪ ٽن دوائون پارا چنار موڪليون ويون آه?? ۽ اتان زخمين کي هيليڪاپٽر جي ذريعي بهتر علاج جي لاءِ اسلام آباد منتقل ڪيو ويو آه??. وزيراعظم دهشتگردي جي خلاف پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي قربانين کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ واقعي ۾ ايف سي جا 16 جوان شهيد ٿيا جڏهن ??ه اتر وزيرستان ۾ ٿيندڙ هڪ مقابلي ۾ ڪيترن ئي خوارجين کي جهنم واصل ڪيو ويو آه??، ان مقابلي ۾ هڪ ميجر ۽ جوان شهيد به ٿيا. وزيراعظم ڪابينا کي آذربائيجان جي صدر سان پنهنجي گذريل ڏينهن ٽيليفون تي ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه کان آگاهه ڪندي چيو ته آذربائيجان جي جهاز جي بدقسمت حادثي ۾ 38 انساني جانين جي زيان تي آذربائيجان جي صدر سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو آه??. وزيراعظم چيو ته آذربائيجان جو صدر پاڪستان جي عوام سان بي پناهه محبت ڪري ٿو، ايندڙ ڪجهه مهينن دوران آذربائيجان سان اسان جا رابطا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ آءِ سي سي جي ايونٽس جو انعقاد ٿيڻ وڃي رهيو آه?? جيڪا ڪرڪيٽ شائقين جي لاءِ تمام وڏي خوشخبري آه??، ان جي لاءِ تياريون مڪمل آه??. انهن مئچز سان پاڪستان جي نوجوانن جون صلاحيتون اڀري سامهون اينديون. وزيراعظم ڪابينا کي اي ڊي آر جي حوالي سان مثبت اڳڀرائي بابت ٻڌايو ۽ نائب وزيراعظم، ناڻي واري وفاقي وزير ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جي ڪردار کي ساراهيو جن بئنڪن سان معاملو طئي ڪرڻ جي لاءِ تمام گهڻي محنت سان ??م ڪيو. وزيراعظم ٻڌايو ته قومي خزاني کي ان ??وشش سان 70 ارب رپيا ملندا ۽ ايندڙ ٽن سالن ۾ 140 ارب رپين جي لڳ ڀڳ رقم خزاني ۾ ايندي. وزيراعظم چيو ته بئنڪن ساڍا 22 سيڪڙو پاليسي ريٽ جو فائدو کڻندي بي پناهه منافعو ڪمايو ۽ ٽي بلز تي انويسٽ ڪنديون رهيون اهڙي صورت ۾ ملڪ ۾ صنعتون نه پئي لڳي سگهيون.
افغان حڪومت پنهنجي سرزمين تان ٽي ٽي پي جون ڪارروايون روڪي، ٻٽو عمل قبول نه آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشگوئی