قاهره-19 آڪٽوبر (اي پي پي) مصر جي صدر الفتاح السيسي چيو آهي ته فلسطينين جي جبري بي ??خلي جي فيصلي تي عملدرآمد نٿو ڪري سگهجي. برطانوي خابرو اداري رائيٽرز موجب مصر جي صدر چيو ته دهشتگردن کي منهن ڏيڻ لاءِ فلسطينين کي اسرائيل جي رڻ پٽ نيگيو ۾ وڃڻ جي اجازت ڏ??ي وڃي. مصر جي صدر فلسطينين جي غزه مان جبري بي ??خلي جي خطرن کان خبردار ڪندي چيو ته ان سان فسلطينين جي اولهندي ڪناري کان اردن طرف جبري بي ??خلي جو مثال قائم ٿي ويندو. مصر جي صدر جيڪو پناهگيرن جي غزه مان مصر جي رڻ پٽ سينا ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت جي مطالبي کي رد ڪري چڪو آهي چيو ته ان سان فلسطيني رياست جي قيام جو مقصد ختم ٿي ويندو. هن چيو ته جيڪڏهن ائين ٿئي ٿو ته مان مصر جي عوام کي چوندس ته هو ٻاهر نڪري ۽ هن تجويز کي رد ڪرڻ جو اظهارڪن. مصر جي صدر چيو ته جيڪڏهن اسرائيل فلسطينين کي بي ??خل ڪرڻ چاهي ٿو ته هو فلسطينن ??ي هٿيار??ند گروپن طرفان پنهنجي ڪارروائي مڪمل ٿيڻ تائين فلسطيني پناهگيرن کي پنهنجي صحرا نيگيو ۾ موڪلي سگهي ٿو، جڏهن ته فلسطيني پناهگيرن کي مصر موڪلڻ خطرناڪ هوندو.
فسلطينين جي جبري بي دخلي جي فيصلي تي عمل نٿو ڪري سگهجي: مصر
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپ ڈاؤن لوڈ کریں