بيجنگ-06 نومبر (اي پي پي) چين چي?? آهي ته عالمي برادري غزه ۾ بگڙجندڙ انساني صورتحال تي توجهه ڏي. چيني خابرو اداري مطابق چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان وانگ وين بين پريس ڪانفرنس ۾ فلسطين اسرائيل ??نگ سان جنم وٺندڙ انساني الميي جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ چي?? آهي ته موجوده ??نگ ۾ 11 هزار کان وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪار بڻجي ويا آهن. عالمي برادريءَ کي اهڙي طرح جي سانحن جو تسلسل روڪڻ گهرجي. ترجمان نشاندهي ڪئي ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي هاڻوڪي خصوصي اجلاس ڳري اڪثريت سان هڪ قرارداد منظور ڪئي، جنهن مطابق ڌُرين قانون مطابق فوري تي جنگبنديءَ جو مطالبو ڪيو ويو، بين الاقوامي انساني قانون مطابق عام شهرين، شهري ٺڪاڻن ۽ افرادي عملي ۽ ٺڪاڻن جو احترام ۽ تحفظ ڪيو وڃي ۽ ٻه رياستي حل جي عزم کي ورجايو وڃي. هي عالمي برادري جي مضبوط آواز جي عڪاسي ڪري ٿو. وانگ وين بين چيو ته سلامتي ڪائ??نس?? جي موجوده چيئرمين ??لڪ جي حيثيت سان چين فلسطين ۾ امن جي بحاليءَ لاءِ پن??نجي پوري ڪوشش ڪندو ۽ تڪرار ۾ ٽياڪڙي، ڇِڪتاڻ کي گهٽ ڪرڻ ۽ فلسطين مسئلي کي ٻه رياستي حل جي راهه تي واپس آڻڻ لاءِ عالمي برادريءَ سان گڏجي ڪم ڪندو.
عالمي برادري غزه ۾ بگڙجندڙ انساني صورتحال تي توجهه ڏي: چين
مضمون کا ماخذ : apostas dupla sena