??ير??ت-01 جولاءِ (اي پي پي) سعودي عرب جي اختي??ري?? لبنان ۾ رهندڙ پنهنجن شهرين کي چيو آهي ته ڏکڻ واري علائقي جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي لبنان کي ڇڏي ڏين. ايس پي اي ??ير??ت ۾ سعودي سفارت خاني مان جاري ڪيل بيان جي حوالي سان ٻڌايو ته مملڪت ڏکڻ لبنان جي حال??ن تي نظر رکي آهي. سعودي شهري علائقي جو سفر ڪرڻ کان پاسو ڪن ۽ جيڪي اتي موجود آهن جلدي اتان نڪري وڃن. بيان ۾ چيو ويو آهي ته شهري ضرورت ۽ ڪنهن هنگامي صورت حال ۾ سفارتخاني سان رابطو ڪري سگهن ٿا. واضح رهي ته غزه ۾ جنگ شروع ٿيڻ کان پوءِ ڌرين وچ ۾ روزانو فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي ر??ي آهي. ٻئي پاسي اسرائيلي فوج جو چ??ڻ آهي ته لبنان تي حملي جي منصوبي جي منظوري ۽ توثيق ٿي چڪي آهي.
مضمون کا ماخذ : دیگر کلیدی الفاظ