واشنگٽن -04 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪا ۾ پاڪستان جي نئين مقرر سفير رضوان سعيد شيخ آمريڪ?? ڪانگريس ۾ پاڪستان ڪاڪس جي ميمبر ٽام سوزي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻه طرفي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پاڪستاني سفارتخاني پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب ڪانگريس ميمبر ٽام سوزي پاڪستاني سفير کي آمريڪا ۾ ذميواريون سنڀالڻ تي مبارڪون ڏنيون. پاڪستاني سفير ٻنهي ملڪن ۽ خطي لا??ِ پاڪ – امريڪا لاڳاپن جي اهميت تي زور ڀريو. پاڪستاني سفير ٻه طرفي شراڪتداري تي ڳالهائيندي چيو ته اسان اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لا??ِ خيرسگالي ۽ دوستي جي ان جذبي کي مڪمل طور تي استعمال ڪرڻ لا??ِ پرعزم آهيون. هن يوم آزادي جي موقعي ت?? ڪانگريس ميمبر ٽام سوزي جي خيرسگالي ۽ سندس مقرري واري پيغام تي شڪريو ادا ڪيو. ڪانگريس ميمبر ٽام سوزي ٻه طرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۽ ملڪ لا??ِ سندس خدمتن تي پاڪستاني برادري جي تعريف ڪئي. ڳالهين دوران ٻنهي اڳواڻن پاڪ آمريڪا لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ، عوامي لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ لا??ِ گڏجي ڪم ڪرڻ ۽ آمريڪ?? ڪانگريس ۾ پاڪستان?? ڪاڪس کي متحرڪ ۽ مضبوط بڻائڻ لا??ِ پنهنجي عزم جو اظهار ڪيو.
آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير رضوان سعيد شيخ جون ڪانگريس ۾ پاڪستان ڪاڪس جي ميمبر ٽام سوزي سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه
مضمون کا ماخذ : لکی لیپریچون