اسلام ??باد-02 آڪٽوبر (اي پي پي) فرانس، اسرائيل تي زور ڀريو آهي ته هو لبنان ۾ فوجي ڪارروائيون فوري طور تي بند ڪري. پرڏيهي ميڊيا مطابق ايليس?? صدارتي محل اربع ڏينهن هڪ ??ڌرائي ۾ ٻڌايو ته فرانسيس?? صدر ايمانويل ميڪرون ان خواهش جو اظهار ڪيو آهي ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قرارداد 1901 تي سختي سان عملدرآمد ڪري لبنان جي خودمختاري ۽ علائقائي سلامتي کي بحال ڪيو وڃي. ان سلسلي ۾ هن لبنان ۾ گڏيل قومن جي عبوري فورس (يو اين آءِ ايف آءِ ايل) سان فرانس جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ايليس?? صدارتي محل ??يو ته فرانس ان رخ ۾ ڪم ڪندڙن سان گڏ بيٺل هوندو ۽ تمام ??لد لبنان جي حمايت ۾ هڪ ڪانفرنس منعقد ڪندو. پڌرائي مطابق فرانسيس?? صدر هڪ ڊگهي مدي واري حل تائين پهچڻ لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ به ڪيو جيڪو اسرائيل ۽ لبنان وچ ۾ گڏيل قومن جي تيار ڪيل عارضي سرحد بليو لائن جي ٻنهي طرفن جي آبادين جي حفاظت کي يقيني بڻائي.
اسرائيل لبنان ۾ فوجي ڪارروائيون فوري طور تي بند ڪري: فرانس
مضمون کا ماخذ : گونزو کی تلاش