اسلام آباد – 25 مئ?? (اي پي پي) گذريل 10 سال جي ڀيٽ ۾ هلندڙ مالي سال ۾ مجموعي قومي پي??اوار (جي ڊي پي) جي واڌويجهه جي شرح ۾ 5 سيڪڙو کا?? وڌيڪ اضافو ٿيو آهي. سال 17 – 2016ع بابت اقصادي سروي پي?? ڪندي ناڻي واري وفاقي وزير سي??يٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته مالي سال 14 – 2013ع ۾ جي ڊي پي جي واڌويجهه جي شرح 3 سيڪڙو هئي جيڪا گذريل ٽن سالن دوران 4 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ رهي. گذريل مالي سال ۾ جي ڊي پي ۾ 4.51 سيڪڙو جي شرح سان ترقي رڪارڊ ڪئي وئي جڏهن ته هلندڙ مالي سال ۾ جي ڊي پي جي ترقي جي شرح 5.3 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي. هن چيو ته ملڪ جي جي ڊي پي ۾ اضافي جا صحيح انگ اکر جوڙڻ ۾ 2 وڏيون مشڪلاتون آهن. پاڪستان ۾ معيشت جا انگ اکر جوڙڻ جو طريقيڪار 20 سال پراڻو آهي جنهن کي اپ ڊيٽ ڪرڻ جي ضرورت آهي.
مضمون کا ماخذ : جنگل کی روح: جنگلی کی کال