اسلام آباد – 09 مارچ (اي پي پي) سينيٽ ??يئ??مين ميان رضا رباني چيو آهي ??ه ادارن جي وچ ۾ ڳالهيون ئي اڳتي وڌڻ جو رستو آهي، هر اداري کي پنهنجي آئيني حدن ۾ رهندي ڪم ڪرڻ گهرجي، ادارن جي وچ ۾ ڊائلاگ جي حوالي سان منهنجي رولنگ سينيٽ جي امانت آهي. جيڪا 12 مارچ تي جيڪڏهن مون حلف کنيو ۽ ايوان ۾ هوندس ته دستاويز جي صورت ۾ سينيٽ جي سامهون رکندس. سينيٽ جي اجلاس ۾ الوداعي خطاب ڪندي سينيٽ ??يئ??مين چيو ته 12 مارچ 2015ع تي مون ان عهدي جو حلف کنيو هو ته سڀني کان پهرين شيءَ جيڪا مون ايوان ۾ پيش ڪئي هئي اها پنهنجي اثاثن جو ح??اب هو ۽ واعدو ڪيو هو ته جڏهن عهدو ڇڏيندس ??ه ان وقت جي اثاثن ۽ لائبلٽيز به ايوان ۾ پيش ڪندس ته جيئن عوام ۽ ميمبر ان جو جائزو وٺي سگهن.
مضمون کا ماخذ : ٹمپل ٹمبل