اسلام آباد-20 ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته واضح طور چوان ٿو ته عمران خان 5 سال پورا ڪندو ۽ معاشي حالتون بهتر ڪري قوم کي اڳتي وٺي ويندو جنهن کي لانگ مارچ ڪرڻو آهي ڪري وٺي، اسلام آباد اچڻو آهي ڀلي اچي اسين آجيان لاءِ تيار آهيون. اهڙو اظهار هن آجياڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. گهرو وزير چيو ته آجياڻي واري ناشتي تي اوهان جو دلي طور ٿورائتو آهيان، انشاءَ الله 70 سالن جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 23 ڊسمبر تي وزيراعظم پوليس لائنز ۾ تقريب ۾ شرڪت ڪندو. عمران خان جو ڪريڊٽ آهي ته پوليس کي پهريون ڀيرو ايتر?? عزت ۽ـ مانُ ملي پيو. هن چ??و ته هڪ لک سُڃاڻپ ڪارڊ روز جاري ٿيندا ۽ پهريون مفت جاري ٿيندو. اسلام آباد ۾ 3 کان سواءِ سموريون چ??ڪ پوسٽون ختم ڪري ڇڏيون آهن، 23 ڊسمبر تي وزيراعظم فنڊ ڏيندو ته سموريون چ??ڪ پوسٽون ختم ڪري ڇڏينداسين، سمورن تعلقن ۾ سُڃاڻپ ڪارڊ آفيسون کوليون وينديون جيڪي تعلقه رهجي ويا آهن ا??ي هر هفتي هڪ آفيس کولي ويندي. 10 ملڪن ۾ سُڃاڻپ ڪارڊن ۽ پاسپورٽ جو انتظام آهي، سڄي دنيا ۾ پرڏ??هي وزارت سان گڏجي سُڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ جاري ڪرڻ جو نظام بهتر ڪنداسين ۽ وڌيڪ آفيسون کولينداسين. هن چ??و ته وزيراعظم مون مٿان ا??تماد ڪيو آهي، 100 ڏينهن ۾ گهرو وزارت ۾ تبديلي ايندي. اميگريشن، نادرا، پاسپورٽ، ايف آءِ اي سمورا ادارا قومي جي خدمت لاءِ هوندا.
واضح چوان ٿو ته عمران خان 5 سال پورا ڪندو، جنهن کي لانگ مارچ ڪرڻو آهي ڪري وٺي: شيخ رشيد احمد
مضمون کا ماخذ : ولف گولڈ