بيجنگ -17 اپريل (اي پي پي) چين جي فيٽ ڊانگ لائي نا??ي سپر مارڪيٽ پنهنجي ملازمن لاءِ سال ۾ 10 ڏينهن جون اداسي جون موڪلون (سيڊ ليوز) متعارف ڪرايون آهن. ميڊيا رپورٽن موجب فيٽ ڊانگ لائي ڪمپني جا ??لازم جيڪڏهن اداس آهن ۽ انهن جي ڪم ت?? اچڻ لاءِ دل نٿو چوي ته اهي سال ۾ 10 موڪلون ڪري سگه?? ٿا. جڏهن ته انهن موڪلن کي مئنيجر پڻ رد نٿا ڪري سگهن. واضح رهي ته 1995ع ۾ ڄاڻايل نا??ي سان پهريون اسٽور شر??ع ڪندڙ ڪمپني جي مالڪ يوڊونگ لائي چيو آهي ته هر شخص جي زندگي ۾ اهڙو ڏينهن ايندو آهي جڏهن هو اداسي واري ڪيفيت مان گذرندو آهي، اها انساني فطرت آهي. هن چيو ته جڏهن ملازم اداس هجن ته موڪل ڪري سگه?? ٿا. موڪل ڪرڻ سان خوشي محسوس ڪري سگهندا. اهڙي طريقي سان ڪمپني انهن جي اداسي ختم ڪرڻ لاءِ سهڪار ڪندي. ڪمپني جا ??لازم اڳ ئي سال ۾ 40 موڪلون ڪندا آهن جڏهن ته ان کان سواءِ نئين سال جي جشن دوران 5 ڏينهن ڪمپني جا اسٽور بند رهندا آهن.
چين جي فيٽ ڊانگ لائي ڪمپني پنهنجي ملازمن لاءِ سال ۾ 10 ڏينهن جون اداسي جون موڪلون متعارف ڪرايون
مضمون کا ماخذ : را کی کتاب