بيجنگ -16 اپريل (اي پي پي) چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي چيو ??هي، ته سعودي عرب وچ اوڀر ۾ چين جو اهم ڀائيوار آهي. چين جي ميڊيا مطابق پرڏيهي وزير وانگ يي پنهنجي سعودي عرب جي هم منصب فيصل بن فرحان السعود سان اڱاري ڏينهن ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، جنهن ۾ هن چيو ??ه چين شام ۾ ايران جي سفارتخاني تي حملي جي سختي سان مخالفت ڪري ٿو، جيڪا عالمي قانونن جي سنگين ??ڃڪ??ي آهي. هن چيو ??ه چين سفارتي ذريعن سان مسئلن جي حل لاءِ سعودي عرب جي ڪوششن جي واکاڻ ڪري ٿو. وانگيي ان ڳالهه تي زور ڀريو ??ه هن وقت اولين ترجيح گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن تي سختي سان عمل ڪرڻ، فوري طور تي غير مشروط ۽ جٽادار جنگبندي، شهرين کي اثرائتي طريقي سان تحفظ فراهم ڪرڻ ۽ انساني امداد کي ??قي??ي بڻائڻ آهي. فلسطين جي عوام جي جائز قومي حقن جي تدارڪ ۾ ناڪامي ئي فلسطين اسرائيل مسئلي جي شروعات ۽ وچ اوڀر جي مسئلي جو بنيادي سبب آهي. ان مسئلي کي حل ڪرڻ جو طريقو اهو آهي ته ٻه رياستي حل تي جلد عمل ڪيو وڃي. هڪ آزاد فلسطيني رياست قائم ڪئي وڃي، فلسطين جي عوام جي جائز قومي حقن کي بحال ڪيو وڃي. فلسطين ۽ اسرائيل وچ ۾ پرامن بقا کي ??قي??ي بڻايو وڃي.
سعودي عرب وچ اوڀر ۾ چين جو اهم ڀائيوار آهي: چين جو پرڏيهي وزير
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی لاٹری کی تاریخ