پيانگ يانگ _ 27 جون (اي پي پي ) اتر ڪو??يا چيو آهي ته ان ملٽي پل وار هيڊ ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي . اي ايف پي اتر ڪو??يا جي سرڪاري خابر?? ايجنسي جي سي اين اي جي حوالي سان ٻڌايو ته اتر ڪو??يا گذريل ڏينهن پنهنجي ڪيترن وار هيڊز ميزائلن جي صلاحيت جو ڪامياب تجربو ڪيو. جنهن ۾ موبائل سان وار هيڊز جي عليحدگي ۽ گائيڊنس ڪنٽرول ٽيسٽ کي ڪاميابي سان منعقد ڪيو ويو. ڪي سي اين رپورٽ ڪيو ته تجربي دوران ميزائل کان جدا ٿيندڙ نقلي موبائل وار هيڊز ٽن مقرر حدفن تائين پهچڻ ۾ ڪامياب رهي. اتر ڪو??يا جي اختيارين مطابق تجربي جو مقصد ايم آئي آر وي جي صلاحيت کي محفوظ بڻائڻ آهي. ڪي سي اين اي مطابق اهو تجربو 200-170 ڪلو ميٽر جي دائري ۾ وچولي فاصلي تائين مار ڪندڙ ٺوس ٻارڻ واري بيلسٽڪ ميزائل جي پهرين مرحلي جي انجڻ جو استعمال ڪندي ڪيو آهي .
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری ٹکٹ