واشنگٽن -23 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪا جي اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ملڪ ۾ هلندڙ سال نومبر ۾ ٿيندڙ صدارتي چونڊن ۾ هارائڻ جي صو??ت ۾ هن ان بعد سال 2028ع جي چونڊن ۾ ٻيهر حصو وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا رپورٽن مطابق آمريڪي نيوز پروگرام فل ميجر ۾ ريپبلڪن صدارتي اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ کان پڇيو ويو ته جيڪڏهن هو هلندڙ سال ٿيندڙ اليڪشن ۾ هارائي ويو ته ڇا هو ٻيهر چونڊن ۾ حصو وٺندو؟ جنهن ت?? 78 ??الن جي اڳوڻي صدر جواب ڏنو ته نه آئون حصو نه وٺندس، مون کي ايئن نظر نه پيو اچي. سندس چوڻ هو ته 5 نومبر تي صدارتي چونڊن جي ڏينهن ڪاميابي ٿيڻ جي ڀرپور اميد آهي.
مضمون کا ماخذ : گنہادورس دا میگا سینا