گڏيل قومون-05 سيپٽمبر(اي پي پي) غزه ۾ پوليو ويڪسينيشن مهم هلائيندڙ گڏيل قومن جي امدادي اهلڪارن چيو آهي ته هو جن ٻارن کي پوليو کان محفوظ رکڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آ??ن اهي پهريان ئي مختلف بيمارين ۾ ورتل آهن ۽ گذريل 10 مهينن کان وڌيڪ عرصي کان جار?? جنگ سبب شديد خوف جو شڪار آهن. امدادي اهلڪارن مطابق غزه ۾ گذريل سال آڪٽوبر کان جاري اسرائيلي فوجي ڪارروائين جي نتيجي ۾ هر 10 مان 9 فلسطيني بي گهر ٿي چڪا آ??ن ۽ اهي بک، غذ??ئي کوٽ ۽ بيماري جو شڪار آهن. فلسطين جي پناهگيرن بابت گڏيل قومن جي اداري (يو اين آر ڊب??يو اي) جي ترجمان لوئيس واٽريج چيو آهي ته غزه جي مرڪزي حصي ۾ پوليو ويڪسينيشن مهم دوران جن ٻارن سان هو رابطي ۾ آيو، جن جو وڏو انگ چمڙي جي مختلف بيمارين ۾ ورتل آهي، غزه ۾ موجود غير انساني حالتن سبب اتي مختلف بيماريون تيزي سان پکڙجي رهيون آهن. انهن حالتن ۾ غزه جي رهواسين کي طبي سامان، صحت جي حفاظت جي شين ۽ صاف پاڻي جي شديد ضرورت آهي ۽ سڀ کان وڌيڪ ات?? جنگ بندي جي ضرورت آهي. هن چيو ته غزه ۾ سمورين مشڪلاتن باوجود پوليو ويڪسينيشن مهم جاري آهي ۽ امدادي ڪارڪن ڪوشش ڪري رهيا آ??ن ته اتي هڪ سال کان 10 سالن جي عمر جي وڌ کان وڌ ٻارن جي ويڪسينيشن ڪئي وڃي.
غزه ۾ ٻارن جي اڪثريت بيماري ۽ خوف جو شڪار آهي: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : بڑا برا بھیڑیا۔