اسلام آباد – 29 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري و??اقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته اڄ سپريم ڪورٽ ۾ تحريڪ انصاف پاران داخل ڪي?? درخواست ۾ ڪا نئين ڳالهه نه آهي، هي سمورا اهي الزام آهن جيڪي گذريل 20، 25 سالن کان بار بار ورجايا ويا ۽ غلط ثابت ٿيندا رهيا، ڪنهن به الزام جو تعلق نواز شريف جي حڪومتي دور جي ڪنهن به منصوبي سان نه آهي پر سندس نجي ڪاروبار سان آهي. نجي ٽي و?? چينل سان ڳالهائيندي و??اقي وزير چيو ته محمد نواز شريف ٽي ڀيرا وزيراع??م بڻيو آهي ۽ هن پنهنجي حڪومت جي دور ۾ اربين ڊالر جي تعمير ۽ ترقي جا منصوبا مڪمل ڪيا. عمران خان جيڪو سندس دشمني ۾ هر حد پار ڪري چڪو آهي اڄ به عدالت ۾ اهي الزام هڻي نه سگهيو جن جو تعلق سندس حڪومت جي دور جي ڪنهن منصوبي ۾ بدعنواني، غيرشفافيت يا ڪڪ بيڪس سان هجي تنهن ڪري پي ٽي آءِ جي اڄ جي پٽيشن محمد نواز شريف جي وزيراعظم جي حيثيت سان امانت ۽ ديانت جو سرٽيفڪيٽ آهي.
تحريڪ انصاف جي درخواست ۾ ڪا نئين ڳالهه ناهي: پرويز رشيد
مضمون کا ماخذ : پیش گوئی اور حکمت عملی