اسلام آباد – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف قوم کي عيدالاضحيٰ جي مبارڪباد پيش ڪندي چيو آهي ته عيد الاضحيٰ جي خوشي جي موقعي تي پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ مسلمانن خاص طور تي ڪشميري عوام کي دلي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. الله تعاليٰ جو شڪر آهي جو هن هڪ دفعو ٻيهر هي مبارڪ موقعو عطا فرمايو. آئون د??ا ڪريان ٿو ته توهان سڀني جي زندگي ۾ اهڙي طرح جي خوشي جا موقعا باربار ايندا ??هن. وزيراعظم پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ چيو ته عيد الاضحيٰ حضرت ابراهيم عليه السلام جي اطاعت ۽ حضرت اسماعيل عليه السلام جي رب جي رضا کي تسليم ڪرڻ جي يادگار آهي. خانواده ا??راهيم پنهنجي پرودگار جي خوشنودي جي لاءِ دنيا جي هر رشتي کي قربان ڪيو ۽ هر موقعي تي الله تعاليٰ جي رضا کي ترجيح ڏني.
مضمون کا ماخذ : پاور بال انعامات