اسلام آباد – 21 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي و??ير مريم اورنگزيب چيو آهي ته راندين جون سرگرميون صحتمند قومن جي عڪاسي ڪن ٿيون. ڪالهه اربع ڏينهن هتي ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي انعام ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته راندين جي سرگرمين م??ن ظاهر ٿئي ٿو ته معاشرو اڳيان وڌي رهيو آهي. هن انٽر ميڊيا ٽورنامينٽ جي فاتح ٽيم کي مبارڪباد ڏني. روزاني جنگ جي ٽيم روزاني دي نيوز جي ٽيم کي شڪست ڏئي فائنل ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. ٽورنامينٽ ۾ 20 کان وڌيڪ ٽيمن شرڪت ڪئي. آخر ۾ اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي و??ير رانديگرن ۾ ٽرافيون ۽ ايوارڊز ورهايا. اي پي پي/ع – ک 20:31
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا حساب