اسلام آباد – 09 مئي (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته دنيا جي سمورين ترقي يافته قومن پنهنجي ٻولي جي ذريعي ترقي ڪئي آهي، ان مقصد جي لاءِ لاڳاپيل ادارا عالمي تجربن مان فائدو کڻي قومي ٻولي جي فر??غ جي لاءِ ڪم ڪن، ملڪ ۾ ڳالهائيجندڙ سمورين ٻولين جي اهميت اجاگر ٿيڻ گهرجي. هن اها ڳالهه اردو جي فر??غ جي لاءِ ايئ?? يونيورسٽي جي اهتمام هيٺ بين لاقوامي مڪالمي ??ون سفارشون پيش ڪرڻ جي موقعي تي چئي. ان موقعي تي قومي تاريخ ۽ ادبي ورثه ڊويزن جو سيڪريٽري عامر حسن، قومي ٻولي جي فروغ واري اداري جو چيئرمين افتخار عارف، ايئ?? يونيورسٽي جي سوشل سائنسز فيڪلٽي جو ڊين ڊاڪٽر وسيم شهزاد ۽ ٻيا به موجود هئا. صدر چيو ته اردو جي فر??غ جي لاءِ لسانيات جي جديد اصولن جي موجب تحقيق ۽ ترقي جو ڪم تمام گهڻو پهرين شروع ٿيڻ گهربو هو.
مضمون کا ماخذ : estratégias para loteria