اسلام آباد – 12 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آ??ي ته پاڪستان ۾ سمورا اقتصادي اشارا مثبت آهن، روانگي واپار ۾ 24 سيڪڙو اضافو ٿيو، ٽيڪسٽائيل سيڪٽر جي بحالي ۽ آٽو موبائيلز جو وڪرو وڌيو آ??ي، سمنڊ پار پاڪستاني ملڪ جو سڀ ک??ن وڏو اثاثو آ??ن ۽ سڀ ک??ن وڌيڪ محب وطن آهن، جڏهن ا??تدار سنڀاليو ته معاشي صورتحال خراب هئي، اڌ کان وڌيڪ ٽيڪسز قرضن جي ادائيگي تي خرچ ٿيندا هئا، ملڪ جو ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 20 ارب ڊالر هو، جيڪڏهن ماضي جي قرضن جو بار نه هجي ها ته صورتحال وڌيڪ بهتر هجي ها، گذريل چار مهينن ۾ ڪو به نئون قرض ناهي ورتو ويو. موسمي حالتن جي ڪري ڪڻڪ جي پيداوار گهٽ ٿي، آئنده ملڪ ۾ ڪڻڪ ۽ کنڊ جي ڪنهن به قسم جي کوٽ نه هوندي، موثر معاشي پاليسين سان 17 سالن کانپوءِ ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس رهيو آ??ي، وزيراعظم عمران خان ا??ڙن خيالن جو اظهار اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي اهتمام هيٺ نيا پاڪستان سرٽيفڪيٽ جي لانچنگ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.
پاڪستان ۾ سمورا اقتصادي اشارا مثبت آهن: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : اسرار ریلز