اسلام آباد – 14 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم اسلاموفوبيا ۽ ناموس رسالت ﷺ تي صاف موقف، عالمي فورمز تي ڪشمير جو ڪيس وڙهڻ، ملڪي تشخص کي اجاگر ڪرڻ سميت حڪوم??ي قدمن کي 22 ڪروڙ عوام تائين پهچائڻ جي لاءِ پي ٽي وي ۽ ٻين رياستي ميڊيا جو اهم ڪردار آهي، پاڪستان ٽيلي ويزن (پي ٽي وي) قومي ادارو آهي ان جي وقار جي بحالي اول??ن ترجيح آهي. هو پي ٽي وي ۾ پي ٽي وي ??نرل مينيجرز اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته ما??ي جا ناظرين واپس آڻڻ پي ٽي وي ??ي سمورن چئنلن جي اول??ن ترجيح هجڻ گهرجي. هن چيو ته پهريون ڀيرو غريب، بي سهارا ۽ پوئتي پيل طبقن جي لاءِ احساس پروگرام، ڪامياب جوان پروگرام، لنگر خانا ۽ پناهگاهون قائم ڪيون ويون آهن، ما??ي جي حڪومتن ۾ اهڙي ڪا روايت نٿي ملي، اسان کي عوام جي ڀلائي ۽ ب??تري جي منصوبن جي حوالي سان آگاهي پيدا ڪرڻي آهي.
ملڪي تشخص کي اجاگر ڪرڻ سميت حڪومتي قدمن کي عوام تائين پهچائڻ جي لاءِ پي ٽي وي ۽ ٻي رياستي ميڊيا جو اهم ڪردار آهي: سينيٽر شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : خوش قسمتی کا رش