اسلام آباد – 07 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين پاڪستان ۾ سريلنڪا جي هاءِ ڪمشنر موهن ويجي وڪرما سان ملاقات ڪئي ۽ سريلنڪا جي شهري سان سيا??ڪو?? ۾ پيش آيل واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير سريلنڪا جي هاءِ ڪمشنر کي سيا??ڪو?? جي واقعي کانپوءِ حڪومت پاران کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته سيا??ڪو?? واقعي جي سڄي ملڪ ۾ مذمت ڪئي وئي آهي. سيا??ڪو?? واقعي ۾ ملوث سڀني جوابد??رن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي سريلنڪا جي هاءِ ڪمشنر حڪومت جي قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته سيا??ڪو?? واقعي سان ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن تي اثر نه پوندا.
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نتائج