فيصل آباد – 03 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات ??ار?? وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته شريف خاندان وٽ لنڊن جي ??ائيدادن جا ثبوت نه آهن ته اهي جائيدادون ڪيئن خريد ڪيون، اسان جو نواز شريف سان ڪو به ذاتي جهيڙو نه آهي، هو پاڪستان واپس اچي ۽ پنهنجي ??لاف ڪيسن کي منهن ڏئي، مخالف ڌر هڪ هفتو فوج، ٻي هفتي عدليه جي ??لاف هوندي آهي، اها ئي انهن جي ??ياسيت آهي، فرقي??ار??ت تي ٻڌل سياست پاڪستان جي مستقبل لاءِ درست نه آهي، ان جي ??وصلا شڪني ??رڻ گهرجي، مولانا فضل الرحمان جي قيادت مخالف ڌر لاءِ وڏي بدنصيبي آهي، اليڪشن هارائي ته مولانا فضل الرحمان چوندو ته ڌانڌلي ٿي آهي، جيڪڏهن هو کٽي وڃن ته اليڪشن شفاف ٿيا آهن، وڏين سياسي پارٽين کي پنهنجي ??ويي تي نظرثاني ڪرڻي پوندي، سندن ناڪامي سان نقصا پاڪستان جو ٿيندو، جيڪڏهن ڪير سمجه?? ٿو ته ملڪ ميل ڪري پنهنجي ڪيسن ۾ رليف حاصل ڪري وٺندو ته ايئن هرگز نه ٿيندو، اسان احتساب جي ??يجنڊا تي اليڪشن کٽي آهي، اسان جو ووٽر احتساب تي عمل ٿيندو ڏسڻ چاه?? ٿو، اسان احتساب کان پوئتي نٿا هٽي سگهون، 2022ع ۾ مقامي حڪومتن جي ??ليڪشن جو سال آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات ??ار?? مملڪتي وزير فرخ حبيب به موجود هو. اطلاعات ??ار?? وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان عام ماڻهو جي ??ندگي کي آسان بڻائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، عالمي منڊي ۾ ڪموڊيٽي ۽ انرجي پرائسز گهٽ ٿيڻ شروع ٿي ويون آهن، ان جو سڌو سنئون فائدو عوام کي پهچندو. هن چيو ته پاڪستان استحڪام طرف وڌي رهيو آهي، ملڪ ۾ مڪمل سياسي ۽ معاشي استحڪام آهي. هن چيو ته آءِ ايم ايف سان ڳالهيون مڪمل ٿي ويون آهن، انشاءُ الله جنوري جي وچ ڌاري فنانس (ترميمي) بل به منظور ٿي ويندو. ڊالر جي مقابلي ۾ روپئي جي قدر ۾ استحڪام اچي رهيو آهي، وفاقي وزير چيو ته تيل، گيهه ۽ دالين جي هتي پيداوار ناهي ٿيندي، انهن جون قيمتون اسان طئي نٿا ڪريون، اسان صرف انهن شين جي قيمتن جو تعين ڪري سگهون ٿا جيڪي پاڪستان جي ??ندر پيدا ٿينديون آهن. اطلاعات ??ار?? وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته پاڪستان جي ??ندر پيدا ٿيندڙ شين جون قيمتون هن وقت هن پوري خطي ۾ سڀ کان گهٽ آهن، ٻاهرين دنيا ۾ تيل جون قيمتون وڌنديون ته هتي به اضافو ٿيندو، قيمتون گهٽ ٿينديون ته هتي به گهٽ ٿينديون. چوڌري فواد حسين چيو ته مولانا فضل الرحمان اسان جي ??ڪومت جي پهرين سال ئي مارچ جي لاءِ اچي ويو هو، 23 مارچ اڃان پري آهي، اميد آهي ته هو ان ڏينهن به نه ايندو ۽ جيڪڏهن اچي به وڃي ته اسان کي ان سان ڪو به مسئلو نه آهي، هن چيو ته اسان کي نئين سال ۾ تلخين کي گهٽ ??رڻ گهرجن، وڏيون سياسي پارٽيون وڏن معاملن تي هڪ ٻي سان گڏجي ويهن ۽ سڌارن تي ڳالهيون ڪن، هن چيو ته سمورين وڏين سياسي پارٽين کي هڪ ڳالهه جو پتو هجڻ گهرجي ??ه انهن جي ناڪامي سان پاڪستان جو نقصان ٿيندو. هن چيو ته پارليامينٽ جي ??ندر ويڙهه ۽ جهيڙي جو عام ماڻهو جي نظر ۾ منفي تاثر قائم ٿيندو آهي جيڪڏهن ڪير سمجه?? ٿو ته هو بليڪ ميل ڪري پنهنجي ڪيسن ۾ رليف حاصل ڪري وٺندو ته ائين هرگز نه ٿيندو. عمران خان پهرين به واضح ڪري چڪو آهي ته اسان احتساب جي ??يجنڊا تي اليڪشن کٽي آهي، اسان جو ووٽر احتساب جو عمل مڪمل ٿيندو ڏسڻ چاه?? ٿو. هن چيو ته اسان تي تنقيد به ڪئي ويندي آهي ته اسان زرداري ۽ نواز شريف کان ڦُريل رقم وطن واپس نٿا آڻي سگهون، وڏو پئسو واپس به آيو پر مرڪزي جوابدار ملڪ کان ٻاهر آهن، عام ماڻهو ان پراسيس مان مطئمن نه آهي، هن چيو ته اهو چوڻ ته اسان احتساب جي ??مل تان پوئٽي هٽي وڃون تڏهن ئي مخالف ڌر ڪا ڳالهه ڪندي ته اهو رويو غير مناسب آهي. هن چيو ته اسان کي چونڊ، معاشي ۽ جڊيشل ريفارمز جي ??رورت آهي، وڏين سياسي پارٽين کي گهرجي ??ه هو گڏجي ويهي وڏن مسئلن تي ڳالهيون ڪن. هن چيو ته اليڪٽورل ريفارمز تي ٻه ڀاڱي ٽي کان وڌيڪ اهڙا سڌارا آهن جنهن تي حڪومت ۽ مخالف ڌر متفق آهن. نيب چيئرمين جي مقرري ۽ احتساب جي ??مل کي شفاف بڻائڻ لاءِ اپوزيشن جي ??جويزن جي ??جيان ڪنداسين. هن چيو ته اسان کي چونڊ سڌارن، احتساب ۽ عدليه جي ??ڌارن تي ڳالهه ??رڻ گهرجي، جيڪڏهن انهن معاملن کي اهي پنهنجي ڪيسن سان جوڙيندا ته اهو قبول نه هوندو. چوڌري فواد حسين چيو ته سياستدانن کي عوام کي اميد ڏيڻ گهرجي ??ه پارليامينٽ عوام جي مسئلن جي ??ل جو ادارو آهي، جيڪڏهن پارليامينٽ ۾ طوفان بدتميزي برپا رهندي ته ماڻهن جون اميدون پارليامينٽ سان لاڳاپيل نه رهنديون. اسان کي سنجيدگي سان معاملن کي اڳتي وڌائڻ جي ??رورت آهي، هن چيو ته عمران خان ۽ پي ٽي آءِ کي غير مستحڪم ??رڻ جون ڪوششون مخالف ڌر پهرين سال ئي شروع ڪري ڇڏيون هيون پر اها ڪجهه نه ڪري سگهي. آگسٽ کانپوءِ حڪومت جو آخري سال شروع ٿي ويندو، ان کان پهرين مقامي حڪومتن جون چونڊون ٿينديون، مخالف ڌر اليڪشن وڙهڻ جو شوق مقامي حڪومتن جي چونڊن ۾ حصو وٺي پورو ڪري وٺي. هن چيو ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو خيبرپختونخوا ۾ شفاف چونڊون ٿيون، هارائڻ ۽ کٽڻ ??ار?? ٻنهي چونڊن جي ??فافيت کي تسليم ڪيو، هن چيو ته عمران خان غير جانبداري تي يقين رک?? ٿو، اهو ئي سبب آهي جو هن ڪڏهن به شفافيت تي ٺاهه نه ڪيو. اسان صاف شفاف چونڊن جي لاءِ نظام جوڙڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته 2022ع بلدياتي اليڪشن جو سال آهي، انشاءُ الله پنجاب ۾ مقامي حڪومتن جون چونڊون به صاف ۽ شفاف ٿينديون. عوام جي چونڊ تي ڀرپور اعتماد هوندو. هن چيو ته پي ٽي آءِ ملڪ جي ??ڀ کان وڏي پارٽي آهي، پي ٽي آءِ کانسواءِ ڪا سياسي پارٽي 800 کان وڌيڪ سيٽن تي پنهنجا اميدوار بيهاري نٿي سگهي. ن ليگ سينٽر پنجاب ۽ پيپلزپارٽي سنڌ جون پارٽيون آهن، ڪي پي اليڪشن ۾ اهو تجزيو گهڻو ٿيو ته پي ٽي آءِ پشاور جو اليڪشن هاري وئي پر اهو تجزيو نه ٿيو ته ن ليگ ۽ پ پ پ ته پنهنجا اميدوار ئي بيهاري نه سگهيون. هن چيو ته فرقي??ار??ت تي ٻڌل سياست پاڪستان جي مستقبل جي لاءِ درست نه آهي، ان جي ??وصلا شڪني ٿيڻ گهرجي، وڏين سياسي پارٽين کي پنهنجي ??وين تي نظرثاني ??رڻ جي ??رورت آهي. پ پ پ ۽ ن ليگ قومي سياست ڪن، پيپلزپارٽي سنڌ جي ??هرين کي صحت ڪارڊ کان محروم رکيو آهي، جيڪو سنڌ جي ??وام سان تمام وڏي زيادتي آهي. سنڌ جي وڏي وزير کي لڳ?? ٿو ته ان سان سندس سياست متاثر ٿيندي. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ پاڪستان جي ??ياست، پرڏيهي پاليسي، معيشت تي اسان سڀ متحد آهيون ۽ ان موجب اڳتي هلنداسين. هڪ سوال تي هن چيوته مولانا فضل الرحمان اليڪشن هارائي وڃي ته چوندو ته اليڪشن ۾ ڌانڌلي ٿي آهي، جيڪڏهن هو اليڪشن کٽي وڃي ته اليڪشن شفاف ٿيون آهن، مولانا فضل الرحمان جي مخالف ڌر جي قيادت ??رڻ ڪيترين ئي مخالف ڌر جي وڏي بدنصيبي آهي.هڪ سوال تي هن چيو ته نواز شريف کي وطن واپس اچڻ گهرجي، هتي ان تي ڪيس آهن، هو پنهنجي ??لاف ڪيسن کي منهن ڏي. اسان جو ان سان ڪو به ذاتي جهيڙو نه آهي، شريف فيملي جي لنڊن ۾ اربين روپين جون جائيدادون آهن، ان وٽ ثبوت نه آهن ته اهي جائيدادون ڪيئن خريد ڪيون، جن اپارٽمينٽس ۾ نواز شريف رهي پيو ان جو پئسو ڪٿان کان آيو، انهن وٽ ڪو به جواب نه آهي، چوڌري فواد حسين چيو ته مولانا فصل الرحمان پهرين به مارچ لاءِ آيو هو ۽ واپس هليو ويو، 23 مارچ گهڻو پري آهي، اميد آهي ته هو ان ڏينهن به نه ايندو، جيڪڏهن اچي به وڃي ته اسان کي ڪو به مسئلو نه آهي، هڪ ٻي سوال تي هن چيو ته شهباز شريف بيان حلفي جمع ڪرايو هو ته هو نواز شريف کي واپس گهرائيندو، اٽارني جنرل آفيس ان معاملي کي ڏسندي، وفاقي وزير چيو ته مخالف ڌر هڪ هفتو فوج جي مخالف هوندي آهي، ٻي هفتي عدليه جي ??لاف، اها ئي انهن جي ??ياست آهي.
اسان جو نواز شريف سان ڪو به ذاتي جهيڙو نه آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لائیو ڈرا