بيجنگ – 05 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پنهنجي چين جي دوري جي ٻئي ڏينهن چين جي مختلف سرڪاري ۽ نجي ڪمپنين جي اعليٰ عملدارن سان ملاقاتون ڪيون. وزيراعظم عمران خان حڪومت پاران غيرملڪي سيڙپڪارن خاص طور تي ملڪ جي خصوصي اقتصادي زونز ۾ چيني سيڙپڪاري جي لاءِ مراعتن جي آڇ کي اجاگر ڪيو، هن يقين ڏياريو ته پاڪستان ۾ چيني ڪمپنين کي انهن جي ڪاروبار جي فروغ لاءِ هر ممڪن سهولتون فراهم ڪيون وينديون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان چائنا انرجي اينڊ انج??يئ??نگ ڪارپوريشن جي ??يئ??مين، چائنا اسٽيٽ ڪنسٽرڪشن انج??يئ??نگ ڪارپوريشن (سي ايس سي اي سي) پاور چائنا، ايسٽ سي گروپ، چائنا ريلوي گروپ لميٽيڊ، چائنا ميٽالورجيڪل گروپ ڪارپوريشن، بيجنگ سنچري انڊسٽريل ڊيولپمينٽ ڪمپني لميٽيڊ ۽ چين مڪس گروپ جي اعليٰ عملدارن سان ملاقاتون ڪيون. ملاقاتن دوران چيني سيڙپڪارن وزيراعظم عمران خان کي پاڪستان ۾ انهن جي جاري منصوبن تي اڳڀرائي ۽ توانائي، ريفائننگ، پيٽرو ڪيميڪلز، انفراسٽرڪچر ڊيولپمينٽ، واٽر مئنيجمينٽ، انفارميشن اينڊ ڪميونيڪشن ٽيڪنالاجي ۽ هائوسنگ جي شعبن ۾ اربين ڊالر ماليت جي مستقبل ۾ سيڙپڪاري منصوبن کان آگاهه ڪيو. چائنا انرجي ڪمپني توانائي، واٽر مئنيجمينٽ، ٽرانسپورٽيشن ۽ تعميرات سميت مختلف شعبن ۾ خدمتون سرانجام ڏي ٿي. چائنا اسٽيٽ ڪنسٽرڪشن انج??يئ??نگ ڪارپوريشن (سي ايس سي اي سي) پاور چائنا ڪميونيڪشن ۽ انج??يئ??نگ تي ڌيان ڏي ٿي ۽ توانائي ۽ پاڻي جي شعبن ۾ خدمتون سرانجام ڏي ٿي. ايسٽ سي گروپ عالمي سطح تي توانائي ۽ ڪيميڪل جو واپار ڪندڙ ڪمپني آهي. چائنا ريلوي گروپ لميٽيڊ انج??يئ??نگ، ريئل اسٽيٽ ڊيولپمينٽ، ريلويز ۽ کاڻيون کوٽڻ جي شعبي ۾ خدمتون سرانجام ڏي ٿو. چائنا ميٽالورجيڪل گروپ ڪارپوريشن دنيا ۾ وڏي پئماني تي ت??ميرات جو ٺيڪيدار گروپ آهي. بيجنگ سنچري انڊسٽريل ڊيولپمينٽ ڪمپني لميٽيڊ ڪيترن ئي ملڪن ۾ شهري ت??قياتي منصوبن تي ڪم ڪيو آهي. وزيراعظم عمران خان پاڪستان ۾ چيني ڪمپنين جي ڪاروباري لاڳاپن ۾ اضافي جي دلچسپي کي ساراهيندي حڪومت پاران غيرملڪي سيڙپڪارن خاص طور تي ملڪ جي خصوصي اقتصادي زونز ۾ چيني سيڙپڪاري جي لاءِ مراعتن جي آڇ کي اجاگر ڪيو. هن يقين ڏياريو ته پاڪستان ۾ چيني ڪمپنين کي انهن جي ڪاروبار جي فروغ لاءِ هر ممڪن سهولتون فراهم ڪيون وينديون. ملاقاتن دوران ڪابينا ميمبر ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا.
وزيراعظم عمران خان چين جي دوري جي ٻئي ڏينهن چين جي مختلف سرڪاري ۽ نجي ڪمپنين جي اعليٰ عملدارن سان ملاقاتون ڪيون
مضمون کا ماخذ : سانتا کا سرپرائز