اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان بين الصوبائي رابطن واري وفا??ي وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس (جي ڊي اي) جي وفد سان گڏجي ملاقات ڪئي. وفد ۾ قومي اسيمبلي ميمبر غوث بخش مهر ۽ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ش??مل هئا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاير بيان موجب سمورن اڳواڻن وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ جاري حڪومتي پاليسين تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ وفا??ي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي، اسد عمر ۽ خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل پڻ موجود هئا.
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کے نتائج