اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان تاجڪستان جي پرڏي??ي وزير سراج الدين مهردين ملاقات ڪئي. اها ملاقات اسلامي تعاون تنظيم جي 48 هين اجلاس جي موقعي تي ٿي. ملاقات دوران هن گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ وڌندڙ ٻطرفي تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪيو. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم عمران خان پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 30 هين سالگرهه تي پرڏي??ي وزير کي مبارڪباد ڏني. وزيرا??ظم سيپٽمبر 2021ع ۾ دوشنبه جي پنهنجي سرڪاري دوري جو حوالو ڏنو ۽ دوري دوران ڪيل فيصلن تي عملدرآمد تي اطمينان جو اطهار ڪيو، وزيرا??ظم واپاري ۽ اقتصادي رابطن کي وڌائڻ لاءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٽرانزٽ ٽريڊ معاهدي کي جلد مڪمل ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو، وزيرا??ظم معيشت، واپار، توانائي، رابطي ۽ سيڙپڪاري جي شعبن سميت ٻطرفي تعاون کي جامع طور تي بهتر بڻائڻ جي پنهنجي خواهش ج?? ورجاءُ ڪيو، هن ”ويزن سينٽرل ايشيا“ پاليسي تحت وچ ايشيا سان پاڪستان جي وڌندڙ رابطن کي به اجاگر ڪيو ۽ ڪاسا 1000 پاور پراجيڪٽ جي وقت سر تڪميل جي عزم ج?? ورجاءُ ڪيو، وزيرا??ظم افغانستان ۾ پائيدار امن ?? انساني امداد جي فراهمي لاءِ پاڪستان جي مسلسل حمايت تي زور ڏنو. علائقائي خوشحالي لاءِ ملڪ ۾ ڊگهي امن ۽ استحڪام جي اهميت تي زور ڏيندي وزيرا??ظم ان سلسلي ۾ پاڙيسري ملڪن جي اهم ڪردار تي زور ڏنو. وزيرا??ظم زور ڏئي چيو ته پرامن، مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان سڀني جي مفاد ۾ آهي.
وزيراعظم عمران خان سان تاجڪستان جي پرڏيهي وزير سراج الدين مهردين جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن مفت