اسلام آباد – 29 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آءِ ٽي پروفيشنلز پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جي نوجوانن جي لاءِ سڄي دنيا ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي (آءِ ٽي) جي ڪيترن ئي شعبن ۾ نوڪرين جا مختلف موقعا موجود آهن، وفاقي حڪومت تمام سٺي آءِ ٽي پاليسي متعارف ڪرائي آهي، آءِ ٽي ڪمپنيون ۽ آءِ ٽي انڊسٽري جا سربراهه ان مان فائدو کڻ?? سگهن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن مقامي هوٽل ۾ سوليوشن ان ڪارپوريشن جي اهتمام هيٺ 8 هين پاڪستان سي آءِ او سمٽ ۽ ايڪسپو 2022ع کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته موجوده وفاقي حڪومت پهرين ڏينهن کان ئي آءِ ٽي جي شعبي تي ڌيان ڏنو آهي، آءِ ٽي جي شعبي ۾ ڊيٽ??، سائبر سيڪيورٽي، آرٽيفيشل، انٽيلي جنس ۽ ٻين شعبن ۾ ڪيترائي موقعا موجود آهن. هن چيو ته دنيا کي 2030ع تائين 80 لک سائبر سيڪيورٽي پروفيشنلز جي ضرورت آهي. هن چيو ته مصنوعي ذهانت هر انساني ڪوشش ۾ شامل هوندي آهي. هن چيو ته دنيا ۾ تمام وڏي ڊيٽا دستياب آهي پر ان جو تجزيو ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ٽئين صن??تي انقلاب دنيا جون حالتون تبديل ڪري ڇڏيون ۽ چوٿين صن??تي انقلاب ڊيجيٽل اڪانومي ۽ آءِ ٽي انڊسٽري جي شڪل ۾ وڏي تبديلي آندي. هن چيو ته آءِ ٽي پاليسي ڪمپنين کي انڪم ٽيڪس، ڊيوٽي ۽ ٻيون ڇوٽ واريون مراعتون ڏي ٿي. صدر چيو ته آئون پاڪستان جي مستقبل تي پڪو يقين رکان ٿو، عورتن وٽ آءِ ٽي جي شعبي ۾ تمام گهڻا موقعا آهن، عورتون گهر کان ڪم ڪر?? سگهن ٿيون ۽ پنهنجي خاندان جي معاشي مدد ڪرڻ جي لاءِ پئسو ڪمائ?? سگهن ٿيون. هن چيو ته حڪومت روايتي ايڪسپورٽ کانسواءِ آءِ ٽي ايڪسپورٽ جي پڻ حوصلا افزائي ڪري ٿي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته سيڙپڪار ۽ ڪمپنيون آءِ ٽي جي انوينشنز ۾ سيڙپڪاري ڪن. صدر يونيورسٽين کي چيو ته اهي پنهنجي شاگردن کي مارڪيٽ جي ضرورتن موجب پڙهائين. هن ان موقعي تي خصوصي ٽيڪنالاجي زونز ۽ ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني جي اهميت کي پڻ اجاگر ڪيو.
پاڪستان جي نوجوانن لاءِ سڄي دنيا ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي (آءِ ٽي) جي ڪيترن ئي شعبن ۾ نوڪرين جا مختلف موقعا موجود آهن: صدر
مضمون کا ماخذ : راکی