اسلام آباد – 03 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قانون واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ٻاهرئين قوتن جي منشا تي پاڪستان تي رجيم بدلائڻ جي ڪوشش ??ئي پئي وڃي، جيڪڏهن اسان غيرتمند قوم آهيون ته اهو تماشو نه ٿو هلي سگهي، بي ا??تمادي جي رٿ آئين جي آرٽيڪل 95 تحت پيش ??ئي وڃي ٿي، عمومي حالتن ۾ اهو جمهوري حق آهي ۽ ان کي تسليم ڪرڻ گهرجي پر هي معاملو بي ا??تمادي جو نه آهي، آرٽيڪل 5 اي جو آهي، آرٽيڪل فائيو اي تحت رياست سان وفاداري هر شهري جو فرض آهي، آرٽيڪل فائيو اي تي چيئر کان رولنگ اچڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي ا??يمبلي ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات ۽ قانون واري وفاقي وزير چيو ته 7 مارچ تي ا??ان جو سفير هڪ آفيشل ميٽنگ ۾ شرڪت ڪري ٿو، ان ۾ ٻئئي ملڪ جا آفيشلز پڻ ??يه?? ٿا، اسان جي سفير کي ٻڌايو وڃي ٿو ته عمران خان جي خلاف بي ا??تمادي رٿ پيش ??ئي پئي وڃي، 8 مارچ تي بي ا??تمادي رٿ اچي ٿي، اسان کي ٻڌايو وڃي ٿو ته پاڪستان سان اسان جي لاڳاپن جو دارومدار بي ا??تمادي رٿ جي ڪاميابي تي آهي، جيڪڏهن اها بي ا??تمادي رٿ ڪامياب ٿئي ٿي ته توهان کي معاف ڪيو ويندو، جيڪڏهن اها ڪامياب نه ٿي ٿئي ته توهان جو ايندڙ رستو تمام سخت هوندو. هن چيو ته بدقسمتي سان ٻاهرئين قوتن جي منشا تي رجيم بدلائڻ جي ڪوشش ??ئي پئي وڃي. اسان جي ڪجهه اتحادين ۽ پنهنجي 22 ماڻهن جو ضمير به جاڳي وڃي ٿو ۽ معاملا هيستائين پهچي وڃن ٿا. هي معاملو بي ا??تمادي جو نه، آرٽيڪل 5 اي جو آهي، ڇا 22 ڪروڙ ماڻهن جي رياست ايتري ڪمزور آهي جو ٻاهريون طاقتون ??يه?? هتي حڪومتون بدلائي ڇڏين؟ ڇا ٻاهرئين ملڪ جي مدد سان پاڪستان ۾ رجيم تبديل ڪري سگهجي ٿي؟ ڇا اها آئين جي آرٽيڪل 5 جي خلاف ورزي آهي يا نه؟ ڇا پاڪستان جي عوام ڪٺ پتلي آهي؟ ڇا اسان پاڪستانين جي ڪا حيثيت نه آهي؟ ڇا اسان غلام آهيون؟ هن چيو ته ليڊر آف اپوزيشن جي بقول اسان ڀڪاري آهيون، جيڪڏهن اسان غيرتمند قوم آهيون ته اهو تماشو نه ٿو هلي سگهي. چيئر پاران آرٽيڪل 5 اي تي رولنگ اچڻ گهرجي.
ٻاهرئين قوتن جي منشا تي پاڪستان تي رجيم بدلائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جيڪڏهن اسان غيرتمند قوم آهيون ته اهو تماشو نه ٿو هلي سگهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ آن لائن دستیاب