اسلام آباد – 06 – اپريل (اي پي پي) پاڪستا?? تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير شاهه محمود ??ري??ي چيو آهي ته بي اعتمادي رٿ جي پويان منصوبابندي آ??ي جنهن کي قوم ڄاڻڻ چاهي ٿي، عدليه ان معاملي جي جاچ لاءِ جڊيشل ڪميشن جوڙي سگهي ٿي. اهڙن خيالن جو اطهار هن پريس ڪانفرنس دوران ڪيو. هن چيو ته پرڏيهي وزارت جا عملدار ۽ سفارتڪار ايماندار ۽ سلجهيل آهن، هن چيو ته مخالف ڌر چئي رهي آ??ي ته بي اعتمادي رٿ جي معاملي تي آئين شڪني ٿي وئي، اسان کي آئين جو احترام آهي، بي اعتمادي رٿ پيش ڪرڻ مخالف ڌر جو حق آهي?? ڊپٽي اسپيڪر بي اعتمادي رٿ کا?? انڪار ناهي ڪيو، هن حقيقتن جي بنياد تي رولنگ ڏني، اهو معاملو هاڻي سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، هن چيو ته ٻي ملڪ مان موڪليل خط اصلي آ??ي، ابهام پيدا نه ڪيو وڃي، مخالف ڌر پارليماني سلامتي ڪيمٽي ۾ اسپيڪر جي دعوت جي باجود ڇو نه آئي، هن چيو ته ٽڪيٽن جا واعدا ۽ ضمير فروشي جي ڇا آئين اجازت ڏي ٿو. هن چيو ته بي اعتمادي رٿ جون ڪڙيون ڪٿي ته ملن ٿيون، ان جي پويان منصوبابندي آ??ي جنهن کي قوم ڄاڻڻ چاهي ٿي. هن چيو ته اندروني ۽ ٻاهرين ملڪ جن ماڻهن سان غير ملڪي سفارتڪار ملندا رهيا آه?? انهن جي جاچ ٿيڻ گهرجي، ان معاملي جي جاچ لاءِ عدليه جڊيشل ڪميشن جوڙي سگهي ٿي، هن چيو ته ان معاملي تي قومي سلامتي ڪميٽي جو موقف واضح آهي.
بي اعتمادي رٿ جي پويان منصوبابندي آهي جنهن کي قوم ڄاڻڻ چاهي ٿي: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا بونس