اسلام آباد – 21 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف رمضان المبارڪ دوران عوام جي ڏنل ريليف پئڪيج تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ت?? حڪومت جي اولين تر??يح مهانگائي ۾ پيڙهيل عوام کي فوري ريليف فراهم ڪرڻ آهي. اها ڳالهه هن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ڳالهائيندي ڪئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ موجوده م??ڪي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سنڌ جي وڏي وزير وزيراعظم کي پهرين ڪابينا اجلاس ۾ ملڪي ترقي جي لاءِ گڏيل تعاون سان ڪم ڪرڻ جي عزم تي مبارڪباد ڏني. سنڌ جي وڏي وزير وزيراعظم کي سنڌ جي انتظامي معاملن تي پڻ بريفنگ ڏني. وزيراعظم شهباز شري?? هدايت ڪئي ته رمضان المبارڪ دوران عوام کي ڏنل ريليف پئڪيج تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته م??جود?? حڪومت جي اولين تر??يح مهانگائي جي چڪي ۾ پيڙهيل عوام کي فوري ريليف ڏيڻ آهي. هن چيو ته عوامي ريليف جي لاءِ صوبا ۽ وفاق گڏجي ڪم ڪندا.
وزيراعظم پاران سنڌ جي وڏي وزير کي ريليف پئڪيج تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : Aztec خزانے