اسلام آباد-11 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف تر??يه جي صدر رجب طيب اردگان سان ٽيلي فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ٻوڏ متاثرن کي انساني بنيادن تي امداد جي فراهمي تي صدر ۽ تر??يه عوام جو ثورو مڃيو جڏهن ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ناتن کي سمورن شعبن ۾ وڌيڪ ترقي ڏيڻ جي عزم جو ٻنهي طرفن کان اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق وزيراعظم تر??يه جي صدر رجب طيب اردگان طرفان پاڪستان لاءِ ٻوڏ فوري بعد 12 جهازن، 4 ريل گاڏين ۽ ٻن ٽرڪن ذريعي امدادي سامان جي فراهمي تي پاڪستاني حڪومت ۽ عوام طرفان تر?? صدر ۽ عوام جو شڪريو ادا ڪندي ان کي تر??يه ۽ پاڪستان وچ ۾ سچين روايتن تي ٻڌيل مثالي ناتا قرار ڏنا. هن پهرين سيپٽمبر تي تر??يه جي صدر طرفان خير س??ال?? ۽ يڪجهتي طور تر??يه جي گهرو وزير سلمان سويلو ۽ ماحوليات واري وزير ۽ اي ايف اي ڊي جي سربراهه مرات ڪورم تي ٻڌل موڪليل وفد جي پاڪستان جي دوري تي به شڪريو ادا ڪيو. تر?? صدر کي ٻوڏ سبب ٿيل تباهي بابت آگاهه ڪندي وزيراعظم ٻڌايو ته شروعاتي انگن اکرن مطابق پاڪستان جي جي ڊي پي ۾ 2 سيڪڙو کان وڌيڪ گهٽتائي جو امڪان آهي. ٻوڏ ملڪ ۾ لکين ايڪڙ بيٺل فصل تباهه ڪيو ۽ لکين گهر ۽ ??نف??اسٽڪچر به تباهه ڪري ڇڏيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي ان صورتحال کانپوءِ ملڪ ۾ غذائي عدم تحفظ جو فوري چئلينج درپيش آهي جڏهن ته ان سان گڏوگڏ متاثرن جي ريسڪيو ۽ بحالي جا قدم پڻ کنيا پيا وڃن. هن تر?? صدر کي حڪومت طرفان متاثر علائقن ۾ امدادي سرگرمين بابت آگاهه ڪيو، هن خوراڪ جي کوٽ تي ضابطو آڻڻ کان علاوه متاثر علائقن ۾ نئين سر تعمير ۽ بحالي لاءِ تر??يه طرفان امداد حاصل ڪرڻ جي پنهنجي خواهش جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم سڀني شعبن ۾ ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي وٺائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.
وزيراعظم شهباز شريف جي ترڪيه جي صدر رجب طيب اردگان سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نمبر