اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) برطانوي هيٺئين ايوان جي ڊپٽي اپوزيشن ليڊر ۽ ليبر پارٽي جي سينيئر اڳواڻ انجيلا رائيز چيو آهي ته ماحولياتي تبديلي تيزي سان دنيا کي متاثر ڪري رهي آهي ۽ پاڪستان ان جو پهريون شڪار بڻجي ويو آهي، برطانيا خوفناڪ ٻوڏ کا?? متاثر پاڪستان سان گڏ بيٺل آهي ۽ هو متاثر ماڻهن جي لاءِ امدادي ڪوششن جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو، ڪشمير تڪرار کي گڏيل قومن جي قراردادن ۽ عالمي قانونن موجب حل ڪيو وڃي، ليبر پارٽي جو سدائين کا?? اهو موقف رهيو آهي ته ان پراڻي تڪرار کي گڏيل قومن جي قراردادن موجب حل ڪرڻ جي ضرورت آهي، ٻوڏ کا?? متاثر سنڌ جي دادو ۽ سيوهڻ جي علائقن جو دورو ڪيو آهي، هن ماڻهن جي ملڪيتن کي ٿين??ڙ نقصانن جو اکين ڏٺو حال ڏٺو آهي، اهو ناقابل برداشت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ”اي پي پي“ کي هڪ خصوصي انٽرويو ۾ ڪيو. هن چيو ته ماحولياتي تبديلي ۽ ٻوڏ جي ڪري پاڪستان ۾ ٿيندڙ جاني نقصان ۽ ملڪيتن جي تباهي جي ڏس ۾ دنيا کي ان مسئلي جو هڪ پائيدار حل ڳولڻ جي ضرورت آهي. انجيلا رائيز جنهن برطانوي هائوس آف لارڊز جي ميمبر واجد خان سان گڏ سان ٻوڏ کا?? متاثر علائقن جو دورو ڪيو، چيو ته مستقبل ۾ اهڙي ماحولياتي تبا??ي کي روڪڻ جي لاءِ عالمي سطح تي ڀرپور ڪوششون ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته ماحولياتي تبديلي تيزي سان دنيا کي متاثر ڪرير هي آهي ۽ پاڪستان ان جو پهريون شڪار بڻجي ويو آهي جنهن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڀرپور ڪوششن ۽ تعاون جي ضرورت آهي. هن چيو ته برطانيا ايندڙ مهيني مصر ۾ ٿيندڙ ڪوپ 27 اجلاس ۾ ان مسئلي کي اٿاريندو ۽ عالمي برادري تي زور ڏيندو ته هو ان مسئلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پائيدار حل ڳولي. هن اميد ظاهر ڪئي ته ان جي نتيجي ۾ پاڪستان ۽ دنيا جي ٻين علائقن کي پائيدار ۽ منظم طريقي سان وڌيڪ مدد ملندي جنهن ماحولياتي تبديلي جي تبا??ي کي منهن ڏنو آهي. برطانوي ڊپٽي اپوزيشن ليڊر چيو ته دنيا کي ماحولياتي تبديلي جي اثرن کا?? ماڻهن جي مستقبل جي حفاظت ڪرڻي پوندي ڇو ته اهو انسانيت کي تباهه ڪن طور متاثر ڪري رهيو آهي. انجيلا رائيز پاڪستان جي ٻوڏ کا?? متاثر علائقن جي دوري جو ذڪر ڪندي چيو ته ماڻهن کي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي ڪري سنگين بحران کي برداشت ڪرڻو پيو آهي، تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان جاني ۽ مالي ۽ بيٺل فصل کي نقصانن کا??سواءِ لکين ماڻهو متاثر ٿيا آهن. هن چيو ته برطانوي حڪومت اڳ ۾ئي پاڪستان جي ٻوڏ کا?? متاثر ماڻهن جي لاءِ 16.5 ملين پائونڊ عطيو ڪري چڪي آهي، برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستانين فوري طور تي امدادي ڪوششن جي حوالي سان ناقابل يقين ڪردار ادا ڪيو، فنڊ ريزرز ۽ ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ امداد جمع ڪئي وئي آهي، برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستاني ناقابل يقين حد تائين فراخدل آهن، ايستائين جو منهنجي پنهنجي تڪ ۾ به ٻوڏ متاثرين جي امدادي سرگرمين ۾ مدد ڪرڻ جي لاءِ تمام گهڻو ڪجهه ڪيو ويو ۽ اهو سلسلو جاري آهي. برطانيا جي ڊپٽي اپوزيشن ليڊر ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي ڀرپور حمايت ڪندي چيو ته ڪشمير تڪرار کي گڏيل قومن جي قراردادن ۽ عالمي قانونن موجب حل ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته برطانيا جي ليبر پارٽي جو سدائين کا?? اهو موقف رهيو آهي ته ان پراڻي تڪرار کي گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن موجب حل ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڀارت انساني حقن جو احترام ڪري، ڪشميري عوام ڊگهي عرصي کا?? مصيبتن جو شڪار آهي، ڪشمير مسئلو 70 سالن کا?? وڌيڪ عرصي کا?? حل طلب آهي ۽ اهو هڪ ڊگهو مدو آهي. هن چيو ته برطانيا ڪشمير مسئلي جي پرامن حل جو خواهشمند آهي ۽ عالمي برادري کي به ان مسئلي جي حل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. انجيلا رائيز چيو ته ڀارت کي گڏيل قومن جي قراردادن جي پاسداري ڪرڻ گهرجي، ڀارت ۽ پاڪستان کي ان تڪرار کي حل ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾و اپاري لاڳاپا وڌي رهيا آهن، واپاري لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي برطانوي پارليامينٽ جي مٿئين ايوان جي ميمبر لارڊ واجد خان چيو ته خوفناڪ ٻوڏ جي ڪري پاڪستان ۾ لکين ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن، برطانوي حڪومت، عوام ۽ برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستاني ٻوڏ متاثرين جي جيڪا به مدد ڪري سگهن ٿا اهي ڪندا. هن چيو ته برطانيا جي ڊپٽي اپوزيشن ليڊر انجيلا رائيز سان گڏ ٻوڏ کا?? متاثر سنڌ جي دادو ۽ سيوهڻ جي علائقن جو دورو ڪيو آهي، هن ماڻهن جي ملڪيتن کي ٿين??ڙ نقصانن جو اکين ڏٺو حال ڏٺو آهي، اهو ناقابل برداشت آهي. هن چيو ته برطانيا جي ميڊيا ۽ عالمي برادري کي پاڪستان ۾ ٻوڏ سان ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان ۽ فصلن جي تباهي بابت آگاهه ڪنداسين. لارڊ واجد خان چيو ته ماحولياتي تبديلي ۾ پاڪستان جو ڪردار تمام گهٽ آهي پر پاڪستان ان کا?? شديد متاثر ٿيو آهي، ماحولياتي مسئلن جي حل لاءِ عالمي سطح تي ڪوششن جي ضرورت آهي. هن چيو ته ٻوڏ متاثرين جي لاءِ فنڊ گڏ ڪرڻ ۾ به حصو وٺي رهيا آهيون ته جيئن متاثرين جي مدد جاري رکي سگهجي.
ماحولياتي تبديلي تيزي سان دنيا کي متاثر ڪري رهي آهي ۽ پاڪستان ان جو پهريون شڪار بڻجي ويو آهي، برطانيا خوفناڪ ٻوڏ کان متاثر پاڪستان سان گڏ بيٺل آهي ۽ هو متاثر ماڻهن جي لاءِ امدادي ڪوششن جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو: برطانوي ليبر پارٽي جي سينيئر اڳواڻ انجيلا رائيز
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز کی جیت