اسلام آباد – 07– اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ احتي??طي صحت جي سهولتن جي فروغ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان محدود وسيلن جي ڪري 22 ڪروڙ آبادي جي صحت جي ضرورتن کي علاج جي طريقن سان پورو ڪرڻ کي برداشت نه ٿو ڪ??ي سگهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ هيلٿ سروسز اڪيڊمي جي سينيٽ جي چوٿين اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ هيلٿ سروسز اڪيڊمي جي سينيٽ جي ميمبرن ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شر??ت ڪئي. صدر چيو ته احتي??طي تدبي??ون ??خت??ار ڪري گهڻين بيمارين کان بچي سگهجي ٿو، احتي??طي صحت جو طريقيڪار سستو آهي ۽ اهو بيمارين جو بار گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو. هن چيو ته پاڪستان کي عوامي صحت جي شعبي کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ هدفن تي ٻڌل منصوبابندي ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته احتي??طي صحت ملڪي صحت جي پاليسي جي ترجيح هجڻ گهرجي، ڪجهه ملڪن احتي??طي صحت تي ڌيان ۽ انساني وسيلن جي فڪري ترقي تي سيڙپڪا??ي سان صحت جي شعبي ۾ زبردست بهتري آندي آهي. اجلاس کي گلوبل وارمنگ ۽ موسمياتي تبديلين جي اثرن بابت پڻ ٻڌايو ويو. اجلاس جي شر??ت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته وڌندڙ گرمي پد سان بيمارين جي بار ۾ اضافي جو خدشو آهي. اجلاس ۾ عوامي صحت جي شعبي ۾ تحقيق ۽ ترقي جي لاءِ عالمي فنڊنگ حاصل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ويو ته ملڪي صحت جي پروگرامن ۽ اڪيڊمي جي مستقبل جي مالي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ وسيلا متحرڪ ڪرڻ جي حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. اجلاس ۾ عوامي صحت جي لاءِ قومي منصوبو جوڙڻ جي اهميت تي پڻ زور ڏنو ويو. اجلاس ۾ هيلٿ سروسز اڪيڊمي جي ٽئين سينيٽ اجلاس جي منٽنس جي پڻ توثيق ڪئي وئي.
ملڪ ۾ احتياطي صحت جي سهولتن جي فروغ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا انعام کیسے حاصل کریں