پيرس – 23 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلامي ترقياتي بئنڪ (آءِ ايس ڊي بي) جي صدر ڊاڪٽر محمد الجاسر سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان ۽ آءِ ايس ڊي بي جي وچ ۾ پراڻي تعاون ۽ رابطي تي خيالن جي ڏ?? وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اها ملاقات فرانس ۾ منعقد ٿ??ند?? نئين عالمي مالياتي معاهدي جي لاءِ سربراهه اجلاس جي موقعي تي ٿي. وزيراعظم ۽ آءِ ايس ڊي بي جي صدر مختلف جاري منصوبن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ۽ تعاون جي نئين موقعن تي خيالن جي ڏ?? وٺ ڪئي. وزيراعظم 9 جنوري 2023ع تي جنيوا ۾ منعقد ٿ??ند?? ڪلائميٽ ريزيليئنٽ پاڪستان بابت عالمي ڪانفرنس ۾ آءِ ايس ڊي بي جي شرڪت تي پاڪستاني ??ڪو??ت ۽ عوام پاران ڊاڪٽر الجاسر جا ٿورا مڃيا. هن ڪانفرنس ۾ آءِ ايس ڊي بي جي پاڪستان جي ٻوڏ کانپوءِ بحالي ۾ معاونت جي لاءِ 4.2 ارب ڊالر جي فر??هم?? جي اعلان کي ساراهيو. هن ان فراخدلاڻي مالي معاونت ۾ ڊاڪٽر الجاسر جي ذاتي تعاون ۽ قائداڻي ڪردا?? کي تسليم ڪيو. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته آءِ ايس ڊي بي جي پاڪستان سان فائديمند حصيداري ملڪ جي عوام کي ان جي زندگين جي نئين سر تعمير ۽ روزگار ۾ مدد فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ ??ڪو??ت جي پائيدار ترقي جا مقصد حاصل ڪرڻ ۾ مددگار ٿيندي. وزيراعظم ڊاڪٽر الجاس?? کي ملڪ ۾ غيرملڪي سيڙپڪاري کي صحيح رخن تي قائم ڪرڻ ۽ غيرملڪي سيڙپڪارن جي سمورن خدشن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ون ونڊو حل فراهم ڪرڻ جي لاءِ تازو ئي جوڙيل خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل بابت پڻ ٻڌايو. وزيراعظم آءِ ايس ڊي بي جي صد?? کي جلد کان جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت جو پڻ ورجاءُ ڪيو.
وزيراعظم ۽ اسلامي ترقياتي بئنڪ جي صدر ۾ ملاقات
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ جیتنے کے طریقے