ٽوڪيو-02 جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پاڪستاني ڄاون ۽ ذڪر جوڳن جاپاني ڪمپنين جي ايگزيڪيٽوز سان ملاقاتون ڪيون ۽ انهن سان پاڪستان سان سيڙپڪاري ۽ واپار جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ??ا??ان ۾ پاڪستان جي متحرڪ پاڪستاني ڄاون کي ٻنهي ملڪن وچ ۾ پاڪستان لاڳاپن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪندي ڏسڻ منهنجي لاءِ اطمينان جوڳو آهي. اڄ منهنجي ان جي ڪجهه نمائندن سان ملاقات ٿي ۽ جا??ان سان پنهنجي ٻطرفن لاڳاپن خاص طور تي ڪاروبار واپار کي هٿي ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي، جا??ان جي پنهنجي دوري دوران مون هڪ آجياڻي ۾ ذڪر جوڳين جاپاني ڪمپنين جي ايگزيڪيٽوز سان پڻ ڳالهيون ڪيون. هن وڌيڪ چيو ته منهنجي لاءِ اها ڳالهه حوصلي واري آهي ته هو ايگزيڪيٽوز پاڪستان ۽ جا??ان جي واپار، زراعت، ٽيڪنالاجي، تعليم، هنرم??د افرادي قوت، ڊزاسٽرمينيجمينٽ ۽ صاف توانائي سميت ٻين شعبن ۾ موجود گنجائش ۽ سيڙپڪاري مان فائدو حاصل ڪرڻ جا خواهشمند آهن. پرڏيهي وزير جا??ان انٽرنيشنل ڪوآپريشن ايجنسي (جائيڪا) ۽ جا??ان ايڪسٽرنل ٽريد آرگنائيزيشن جي نمائندن سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ملاقاتن ۾ آصفه ڀٽو پڻ موجود هئي.
بلاول ڀٽو جي ٽوڪيو ۾ پاڪستاني ڄاون ۽ ڪمپنين جي ايگزيڪيٽوز سان ملاقاتون
مضمون کا ماخذ : dupla sena acumulada