اسل??م آباد – 15 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڊي ڪيئر سينٽرز بل 2023?? جي توثيق ڪري ڇڏي. بل جو مقصد اسل??م آباد ۾ پبلڪ ۽ پرائيويٽ ادارن ۾ ڊي ڪيئر سينٽرز جي سهولت فراهم ڪرڻ آه??. بل تحت وفاقي حڪومت گهٽ ۾ گهٽ 70 ملازمن وارن ادارن ۾ ڊي ڪيئرز جو قيام يقيني بڻائيندي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ڊيئر ڪيئر سينٽرز بل 2023?? تحت گهٽ ۾ گهٽ 70 ملازمن وارا نجي ا??ار?? به ملازمن جي سهولت لاءِ ڊي ڪيئرز جو قيام يقيني بڻائيندا. بل تي عملدرآمد ن?? ڪرڻ جي صورت ۾ پهرين وارننگ کانپوءِ هڪ لک رپين تائين جو ڏنڊ هڻي سگهبو. وڌيڪ عملدرآمد ن?? ڪرڻ جي صورت ۾ 6 مهينا قيد جي سزا به ڏئي سگهبي. صدر بل جي توثيق آئين جي آرٽيڪل 75 تحت ڪئي.
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس