اسلام آباد – 27 – جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ڊينمارڪ جي شهر ڪوپن هيگن ۾ پاڪستاني سفارتخاني آڏو قرآن پاڪ جي بي حرمتي ۽ پاڪستاني جهنڊي جي توهين جي سخت مذمت ڪندي ڊينمارڪ جي حڪومت آڏو سخت احتجاج ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسان ڊينمارڪ جي عملدارن مان اميد آهي ته اهي نفرت ۽ اشتعال انگيزي جي اهڙين ڪ??رر??اين کي روڪڻ جي لاءِ سمورا ضروري قدم کڻندا. بيان موجب اهڙي قسم جي ڪڌين ڪ??رر??اين جو مقصد سڄي دنيا جي 2 ارب مسلمانن جي توهين ڪرڻ ۽ برادرين، ثقافتن ۽ ملڪن جي وچ ۾ انتشار پيدا ڪرڻ آهي. ترجمان پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته اهي ڪ??رر??ايون ڪنهن به تعريف موجب اظهار جي آزادي نه اظهار جي راءِ ۽ احتجاج جي بهاني مذهبي نفرت جي اشتعال انگيز ڪ??رر??اين جي اجازت کي جائز قرار نه ٿو ڏئي سگهجي. ترجمان پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ ٻڌايو ته گڏيل قومن جي انساني حقن واري هاءِ ڪمشنر چيو آهي ته مسلمانن جي خلاف تقريرون ۽ اشتعال انگيز ڪ??رر??ايون جاري رهڻ غيرذميواراڻي ۽ غلط آهن. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان سدائين ان ڳالهه کي برقرار رکيو آهي ته اظهار راءِ جي آزادي ذميواري سان ٿيندي آهي اها قومي حڪومتن، علائقائي تنظيمن ۽ عا??مي برادري جي ذميواري آهي ته اهي اسلامو فو??يا ۽ مذهبي نفرت جي ڪڌن ڪمن جو آواز، مذمت ۽ فعال طور تي روڪي، جيتوڻيڪ گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل پاران زور ڏنو ويو آهي. لاڳاپيل ملڪن کي مذهبي نفرت جي اهڙين ڪ??رر??اين جو ازالو، روڪڻ ۽ قانوني ڪ??رر??ائي ڪرڻ گهرجي. بيان موجب عا??مي برادري کي اسلامو فو??يا جي خلاف پنهنجو گڏيل آواز اٿارڻ گهرجي ۽ بين المذاهب هم آهنگي ۽ پرامن گڏيل بقاءَ جي فروغ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. بيان موجب پاڪستان پنهنجي پاران عا??مي سطح تي اسلامو فو??يا جو سوال اٿاريندو رهندو. اهو مسئلو پرڏي??ي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي ايران، سعودي عرب ۽ ترڪيه جي پنهنجي هم منصبن ۽ او آءِ سي جي جنرل سيڪريٽري سميت گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه جو اهم نقطو هو. بيان موجب ??ده ۾ او آءِ سي جي هيڊڪوارٽرز ۽ جنيوا ۾ انساني حقن واري ڪائونسل ۾ اسلامو فو??يا جي ان بار بار ٿيندڙ ڪ??رر??اين بابت مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي پئي وڃي.
پاڪستان پاران ڪوپن هيگن ۾ پاڪستاني سفارتخاني آڏو قرآن پاڪ جي بي حرمتي ۽ پاڪستاني جهنڊي جي توهين جي واقعي خلاف ڊينمارڪ جي حڪومت آڏو سخت احتجاج
مضمون کا ماخذ : sorteios quina