ڪراچي – 02 – آگسٽ (اي پي پي) پا??ستان ۽ ترڪيه جي گڏيل حصيداري سان تيار ٿيندڙ ملجم ڪلاس جنگي سامونڊي جهاز پي اين ايس طارق پا?? بحريه جي ٻيڙي ۾ شام?? ٿي ويو. ان موقعي تي ڪراچي شپ يارڊ ۾ منعقد خصوصي تقريب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ترڪيه جي نائب صدر جودت يلماز شرڪت ڪئي. ترڪيه جو نائب صدر جودت يلماز تقريب جو خاص مهمان هو. تقريب ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، واپار واري وفاقي وزير سيد نويد قمر، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري، پا?? بحريه جي سربراهه ايڊمرل امجد نيازي سميت اعليٰ سول ۽ فوجي عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي نائب صدر سان گڏ پي اين ايس طارق جي لانچنگ ڪئي. پي اين ايس طارق ملجم ڪلاس ڪارويٽ جنگي جهاز انهن چئن سامونڊي جهازن مان هڪ آهي جيڪي ترڪيه سان ٽيڪنالاجي جي منتقلي جي معاهدي تحت ترڪ ۽ پا??ستاني انجنيئرز گڏجي ٺاهي رهيا آهن. 2018ع ۾ پا?? بحريه ۽ ترڪيه جي وچ ۾ 4 جنگي سامونڊي جهازن جي تياري جو معاهدو ٿيو هو. معاهدي تحت 2 جهاز ترڪيه ۽ 2 جهاز پا??ستان ۾ تيار ڪيا پيا وڃن. ان کان اڳ 3 جهازن جي لانچنگ ٿي چڪي آهي ۽ اهي مڪم?? ٿيڻ جي مختلف مرحلن ۾ آهن. پي اين ايس طارق پا??ستان ۾ تيار ٿيندڙ ٻيو سامونڊي جنگي جهاز آهي. ان کان اڳ وزيراعظم کي جهاز جي تياري بابت بريفنگ ڏني وئي.
پاڪستان ۽ ترڪيه جي گڏيل حصيداري سان تيار ٿيندڙ ملجم ڪلاس جنگي سامونڊي جهاز پي اين ايس طارق پاڪ بحريه جي ٻيڙي ۾ شامل
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپ ڈاؤن لوڈ کریں